شهيد نواب اڪبر بگٽي کي 17هين ورسي تي ڀيٽا پيش

صحبت پور (م ڊ) شهيد نواب اڪبر خان بگٽي جي شهادت واري ڏهاڙي تي صحبت پور ۾ واپاري برادري ڪاروباري سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون. شهيد نواب اڪبر خان بگٽي جي شهادت واري ڏينهن تي صحبت پور ۾ واپارين جي اپيل تي بازارون ۽ دڪان مڪمل طور بند رهيا. عوام ۽ واپارين شهيد نواب اڪبر خان بگٽي کي سخت لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي،ڪوئيٽا سميت سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آهي .سڪيورٽي ذريعن موجب ان موقعي تي امڪاني سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي پوليس، رينجرز، ايف سي ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي،بي بي سي موجب اڄ کان 15 سال اڳ، آرمي آپريشن ۾ مارجي وڃڻ کان گهڻو اڳ، ڊيرا بگٽي ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ۽ انٽرويو دوران اڪبر بگٽيءَ پڌرو ڪيو ته کيس ۽ نواب خير بخش مري جي پٽ نوابزاده بالاچ مري کي مارڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،جڏهن ته سينئر صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪيو آهي ته اڪبر بگٽي شهيد نه رڳو پاڪستان تحريڪ ۾ حصو ورتو پر پاڪستان لاءِ ووٽ پڻ ڏنو، پر جنرل ايوب خان مارشل لا لڳائي کيس جيل ۾ وڌو، پوءِ جنرل پرويز مشرف کيس غدار قرار ڏئي ڇڏيو.26 آگسٽ 2006ع تي بگٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ بلوچستان مان جيڪا بيچيني پکڙي هئي اها اڄ تائين ختم ناهي ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.