مڊگاسڪر ۾ ڀاڄ دوران 12 ماڻهو مارجي ويا، 80 زخمي

انتاناناريوو(م ڊ) مڊگاسڪر ۾ 11هين انڊين اوشين گيمز جي افتتاحي تقريب کان اڳ اسٽيڊيم جي داخلي دروازي تي ڀاڃ سبب 12 ماڻهو مارجي ويا ۽ 80 زخمي  ٿي پيا، ميڊيا رپورٽن موجب مڊگاسڪر جي وزيراعظم ڪرسچن نٽسي صحافين کي ٻڌايو ته انتانانا ريوو ۾ واقع بيريا اسٽيڊيم ۾ منعقد 11هين انڊين اوشين گيمز جي افتتاحي تقريب کان اڳ اسٽيڊيم جي داخلي دروازي تي ڀاڄ جي نتيجي ۾ 12 ماڻهو مري ويا ۽ 80 زخمي ٿي پيا جنهن کانپوءِ لاشن ۽  سمورن زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

خديجه شاهه، عاليه حمزه سميت ٻين  جي رمانڊ ۾ واڌ

لاهور(م ڊ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري خصوصي عدالت جناح هائوس کي باهه ڏيڻ جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ خديجه شاهه، عاليه حمزه سميت ٻين جوابدارن جي جوڊيشل ريمانڊ ۾ وڌيڪ 9 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي. دهشتگردي جي خاتمي واري خصوصي عدالت جي جج اعجاز احمد بٽر ڇنڇر ڏينهن ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي تي جوڊيشل ريمانڊ ختم ٿيڻ تي جوابدارن کي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.