راڻيپور: ٻئي پاسي جوابدار اسد شاهه جي وڪيل ايڊوڪيٽ علي مرتضيٰ شاھ عدالت سڳوريءَ کي دليل ڏيندي ٻڌايو ته منهنجي موئڪل کي 9 ڏينهن رمانڊ ۾ رکيو ويو آھي ۽ جاچ ٽيم سان مڪمل تعاون ڪيو آهي ان کي جيل ڪسٽڊي ڪيو وڃي. جنهن کانپوءِ عدالت سڳوري ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدار اسد شاھ کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي ريمانڊ تي وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
ايس ايس پي سکر سنگار ملڪ بدلي: چارچ ايس ايس پي خيرپور حوالي
ڪراچي/خيرپور (نمائندن وٽان) ايس ايس پي سکر سنگار ملڪ کي بدلي ڪيو ويو آهي، چارج ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو حوالي ڪئي وئي آهي، ايس ايس پي سکر سنگار ملڪ کي ھٽائي سي پي او رپورٽ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو کي ايس ايس پي سکر جي اضافي چارج ڏني وئي آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايس ايس پي سنگار ملڪ ھڪ سال جي اسڪالر شپ تي برطانيا روانو ٿيندو.
ڪراچي: گلشن اقبال واري علائقي ۾ گهريلو جهيڙي دوران فائرنگ، نوجوان مارجي ويو
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي گلشن اقبال ٿاڻي جي حد گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي جمالي ڪالوني ۾ گھر اندر گھريلو جھيڙي جي دوران فائرنگ ۾ 30 سالن جو نوجوان عامر جمالي ولد بچل جمالي سخت زخمي ٿي پيو، پوليس موجب زخمي کي فوري طور تي طبي امداد جي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمي زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو آھي.
ڪراچي ۾ اڌ درجن کان وڌيڪ ڦورن جي دڪان تان لکين رپين جي ڦرلٽ
ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ڪريم آباد ۾ مين بازار ڀرسان 9 موٽر سائيڪلن تي سوار اڌ درجن کان وڌيڪ ڦورن چانهه جي دوڪان تي چڙهائي ڪري اتي موجود ماڻهن کان لکين رپيا روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس موجب هٿياربندن چانھ جي هوٽل ۾ ۾ موجود هڪ درجن کان وڌيڪ شهرين کان موبائيل فون، روڪ رقم ۽ قيمتي سامان ڦر ڪري ورتو، هٿياربندن هڪ شهري وٽان 5 لک 50 هزار رپيا، هڪ شهري وٽان 24 هزار ۽ هڪ قيمتي موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته هو واقعي واري هنڌ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن جوابدارن جو پتو لڳائي سگهجي.