ڪراچي (رپورٽر) عدالت ٻن معصوم ٻارڙين سان لڄالٽ جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي اسپيشل عدالت معصوم نينگرين سان زيادتي ڪرڻ جي ٻه ڪيسن جو فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي سزا ٻڌئي ڇڏي، ڪياماڙي ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار شريف کي عمرقيد ۽ٻه لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌئي ، ڪيس گذريل سال داخل ڪيو ويو هو، جڏهن ته سرجاني ٽائون ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ طارق عالم کي 10سال جي قيد ۽ هڪ لک رپين جي ڏنڊ جي سزا ٻڌئي آهي.