حيدرآباد (پ_ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، محمد علي ٽالپر ۽ ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن اسٽيبلشمينٽ وٽ مڪمل يرغمال آهي، ملڪ جي اھا بدترين تاريخ رهي آهي ته حڪمران عوام جي ووٽ تي نه چونڊبا آهن پر اسٽيبلشمينٽ سليڪٽ ڪري عوام جي سيني مٿان سوار ڪندي آهي، سليڪٽ حڪمرانن کي عوام بدران اسٽيبلشمينٽ جا مفاد پيارا هوندا آهن، هنن چيو ته عمران خان ۽ پي ڊي ايم جون حڪومتون ان جو واضح مثال آهن، اسٽيبلشمينٽ جي اهڙي عمل سبب نه ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت پير کوڙي سگهي آهي ۽ نه ئي معيشت بهتر ٿي سگهي ٿي، اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان پيپلز پارٽي سنڌ دشمن آدمشماري جا نتيجا قبول ڪري ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪيو ۽ هاڻي وري واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙڻ جو تماشو شروع ڪيو اٿن، نواز ليگ ضيائي ٽولو ٺاهيو هو ۽ هن وقت اهو ئي ٽولو نواز ليگ جا فيصلا ڪري رهيو آهي، تنهنڪري نواز ليگ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ مومينٽ کي پاڪستان ڊڪٽيٽرڪ موومينٽ بڻائي ڇڏيو آهي.