اٽڪ (م ڊ) ايف آءِ اي جي ٽي رڪني ٽيم اٽڪ جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان سائفر ڪيس بابت پڇا ڳاڇا ڪئي.ذري عن موجب ايف آءِ اي ٽيم جيل ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين کان هڪ ڪلاڪ تائين پڇا ڳاڇا ڪئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي ٽيم عمران خان کان سائفر گم ٿيڻ بابت سوال ڪيا ۽ هن ٽيم سامهون ڳجهو سائفر خط گم ڪرڻ جو هڪ ڀيرو ٻيهر اعتراف ڪيو.ذريعن موجب ايف آءِ اي ٽيم جي قيادت ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان ڪري رهيو هو.