ڪراچي ۾ شهيد جان محمد مهر جي قتل خلاف احتجاج، حڪومت مطالبا مڃي ورتا

ڪراچي (رپورٽ: مهدي بلوچ) ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي سموري صحافين جو شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت احتجاج، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل صحافين توڙي سول سوسائٽي جي هزارين ماڻهن ڪراچي پريس ڪلب آڏو سخت احتجاجي مظاهرو ڪندي سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جي نگران گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز احتجاج ۾ پهچي سمورا مطالبا مڃڻ جي خاطري ڪرائي، صحافين جو چوڻ هو ته بيگناهه شهيد جان محمد مهر کي قتل ڪيو ويو، سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان کي خبر پئي ته جان محمد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ صحافي برادري جو احتجاج ٿي رھيو آھي، مان ھتي صحافين وٽ پھچي يقين ڏياريان ٿو ته جان محمد مھر جي قاتلن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻينداسين. هن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي سکر کي لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي ۽ انڪوائري مان هٽائي ڊي ايس پي قدوس ڪلوڙ کي ھن ڪيس جو جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته مان ۽ آءِ جي پوليس گڏجي ڪچي ۾ گرينڊ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي، جلد ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته ڪچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏجي آپريشن ڪندي. هن چيو ته قاتلن کي نه صرف گرفتار ڪيو ويندو پر انھن کي سزا به ڏياري ويندي ۽ اهو نه ڏٺو ويندو ته قاتلن جي پٺڀرائي ڪهڙي طاقت ڪري رهي آهي، ڪچي ۾ آپريشن، افغانين جو معاملو، ڪراچيءَ ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سزا پهرين ترجيح آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.