ڪراچي (رپورٽر) جڊيشنل مئجسٽريٽ ملير جي عدالت ۾ ابوالحسن اصفهاني روڊ تي غيرت جي نالي لاريب ۽ احسن کي قتل ڪندڙ جوابدار رفيق شيخ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي، گذريل ڏينهن ابوالحسن اصفهاني روڊ تي لاريب جي پيءُ رفيق شيخ فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.