ڀارت ۾ ٽرين کي باهه، 10مسافر سڙي فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل نادو ۾ ٽرين ۾ باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو حادثو تامل ناڊو رياست جي مدورائي ريلوي اسٽيشن تي پيش آيو جتي ٽرين جي اسٽيشنري ڪمپارٽمنٽ ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

مقامي پوليس موجب ٽرين جي پرائيويٽ ڪوچ ۾ سوار مسافرن طرفان چانهه ٺاهڻ لاءِ گيس سلينڊر جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي ۽ زوردار ڌماڪو ٿيو.

تامل ناڊو جي ڪمرشل ٽيڪس بابت وزير ٻڌايو ته حادثو صبح جو سوا پنجين وڳي جي ويجهو پيش آيو جنهن بعد فائر فائٽرز 7 وڳي ريلوي اسٽيشن پهتا ۽ باهه تي ضابطو آندو جڏهن ته حادثي جي زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

وزير موجب ٽريل ۾ سوال مسافرن جو واسطو اتر پرديش رياست سان هو ۽ مسافر مذهبي رسمن لاءِ وڃي رهيا هئا.اختيارين موجب ٽرين ۾ 63 مسافر سوار هئا جڏهن ته فوتين ۾ 6 مرد ۽ 4 عورتون شامل آهن ۽ حادثي ۾ 7 مسافر زخمي به ٿيا آهن جن کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.