موسميات کاتي ڪراچي جي شهرين کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ موسم جهڙالي آهي ۽ وڌيڪ 3 ڏينهن آسمان تي ڪڪر ڇانيل رهندا.
اڄڪلهه ڪراچي ۾ آسمان تي ڪڪڙ ڇانيل آهن، جنهن سبب موسم خوشگوار آهي ۽ موسميات کاتي شهرين کي ايندڙ ڏينهن لاءِ موسم جو احوال ٻڌايو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 3 ڏينهن شهر ۾ موسم جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته بوندا باندي ۽ هلڪي برسات به ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي موجب سومر تي شهر ۾ تيز هوائون گهلي سگهن ٿيون، ان دوران وڌ کان وڌ گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.