ملائڪا پوڙهي ٿي وئي، ارجن ڪپور دوکو ڏئي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور سوشل ميڊيا انفلوئنسر ڪوشا ڪپيلا ارجن ڪپور سان لاڳاپن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
تازو ئي سوشل ميڊيا تي خبرون خبردس ڪري رهيون هيو ته ڪوشا ڪپيلا ۽ ارجن ڪپور هڪ ٻئي کي ڊيٽ ڪري رهيا آهن، اهي افواهه ان وقت سامهون آيا جڏهن ارجن ڪپور هڪ انسٽاگرام پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن تي واهپيدارن جو چوڻ هو ته شايد ارجن گرل فرينڊ ۽ اداڪارا ملائڪا کان ڌار ٿي ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب سوشل ميڊيا فوم ”ريڊٽ“ تي ارجن ڪپور ۽ ملائڪا اروڙا جي عليحدگي جون خبرون سامهون آيون هيون، هڪ واهپيدارن اداڪارن جي ويجهن ذريعن کان مليل خبر کي پوسٽ ڪيو ۽ لکيو ته ارجن ۽ ملائڪا هاڻ ڌار ٿي چڪا آهن، رڳو اهو ئي نه پر ارجن هاڻ ڪنهن ٻي کي ڊيٽ ڪري رهيو آهي، ڇا ڪو اندازو لڳائي سگھي ٿو ته هاڻ ارجن ڪنهن کي ڊيٽ ڪري رهيو آهي؟
واهپيدار وڌيڪ انڪشاف ڪندي لکيو ته ارجن ڪپور هاڻ سوشل ميڊيا انفلوئنسر ۽ اداڪارا ڪوشا ڪپيلا کي ڊيٽ ڪري رهيو آهي.
جنهن تي ردعمل ڏيندي ڪوشا ڪپيلا دعا ڪئي اهي سڀ ڪجهه منهنجي ماءُ نه پڙهي وٺي.
هن خبرن جي ڪمنٽس ۾ تبصرو ڪندي لکيو ته هر ڏينهن آئون پنهنجي بابت اهڙيون نامناسب ڳالهيون پڙهي رهي آهيان جو هاڻ مون کي پاڻ کي متعارف ڪرائڻ جي ضرورت پئجي وئي آهي.
ڪوشا وڌيڪ لکيو ته جڏهن به آئون پنهنجي بابت ڪجهه پڙهندي آهيان ته آئون رڳو اها اميد ۽ دعا ڪندي آهيان ته منهنجي امي اهو سڀ نه پڙهي، سندس سماجي زندگي گھڻي متاثر ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.