ٽرين ڀوائتي حادثي جو شڪار، چئن عورتن سميت ڏهه ڄڻا سڙي فوت

مدوراءِ ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ ٽرين ۾ باهه لڳڻ سبب ڏهه ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

پرڏيهي ميڊيا موجب، اِهو حادثو تامل ناڊو رياست جي مدوراءِ ريلوي اسٽيشن تي ڇنڇر جي ڏينهن پيش آيو جتي ٽرين جي اسٽيشنري ڪمپارٽمينٽ ۾ اوچتو ڀاهه لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ڏهه ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

مقامي پوليس اختيارين موجب، ٽرين جي پرائيويٽ ڪوچ ۾ سوار مسافر طرفان چانهه ٺاهڻ لاءِ گئس سلينڊر جو استعمال ڪيو ويو جنهن سبب ڪوچ ۾ باهه لڳي وئي ۽ زوردار ڌماڪو ٿيو.

تامل ناڊو جي ڪمرشل ٽئڪس واري وزير ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعو صبح جو اٽڪل سوا 5 وڳي پيش آيو جنهن کانپوءِ فائر برگيڊ عملو ست وڳي ريلوي اسٽيشن تي پهتو ۽ باهه تي ظابطو آندو جڏهن ته حادثي جي زخمين کي فوري تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

مقامي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٽرين ۾ سوار مسافرن جو تعلق اُترپرديش رياست سان هو ۽ هو مذهبي رسمن جي ادائيگي لاءِ وڃي رهيا هئا.

انتظاميا جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوچ ۾ 63 مسافر سوار هئا جڏهن ته فوتين ۾ ڇهه مرد ۽ چار عورتون شامل آهن، حادثي ۾ ست ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.