ايم ڪيو ايم ۾ هڪ ڀيرو وري ڏار پئجي ويا، اهم اڳواڻ جي ساٿين سميت پارٽي ڇڏڻ جي ڌمڪي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾هڪ ڀيرو وري شديد اختلاف پيدا ٿي ويا آهن، ڪجهه اهم اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ جي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڇنڇر جي ڏينهن ڊاڪٽر فاروق ستار جي ٿيندڙ پريس ڪانفرنس اوچتو ملتوي ڪئي وئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم اڪيو ايم پاڪستان جو هڪ اهم ترين اڳواڻ جيڪو ڪراچي ۾ اهم عهدي تي به رهي چڪو آهي، ان جا ڪجهه اهم معاملن تي سخت خدشا آهن، ان جون پ پ جي هڪ اهم ترين عورت اڳواڻ سان ملاقات جون خبرون به گردش ڪري رهيون آهن.

ذريعن موجب، اِهو به چيو پيو وڃي ته هن پنهنجي ڪجهه ساٿين سان گڏ پ پ ۾ شموليت جي ڌمڪي به ڏني آهي.

ڇنڇر جي ڏينهن رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ پارٽي جي اختلافن تي سخت گرما گرمي جا به اشارا ملي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.