اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ڳاٽي ٽوڙ بلن واري معاملي جو نوٽيس وٺندي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
بجلي بلن وارن معاملي تي نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ نوٽيس وٺندي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
وزيراعظم آفيس جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيرِ اعظم بجلي جي ڳرن بلن واري معاملي تي سڀاڻي وزيرِ اعظم هائوس ۾ هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
بجلی کے بھاری بِلوں کے معاملے پر میں نے کل وزیر اعظم ہاؤس میں ہنگامی اجلاس طلب کر لیا ہے۔ اجلاس میں وزارت بجلی اور تقسیم کار کمپنیوں سے بریفنگ لی جائے گی اور صارفین کو بجلی کے بِلوں کے حوالے سے زیادہ سے زیادہ ریلیف دینے کے حوالے سے مشاورت کی جائے گی۔
— Anwaar ul Haq Kakar (@anwaar_kakar) August 26, 2023
نگران وزيرِ اعظم جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ بجلي واري وزارت ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنيون کان بريفنگ ورتي ويندي، واهپيدارن کي بجلي بلن بابت وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ تي مشاورت ڪئي ويندي.
ياد رهي ته بجلي ڳرن بلن خلاف ڪراچي، راولپنڊي، ملتان، گوجرانوالا سميت مُلڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، جنهن ۾ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، شهرين احتجاجن بجلي جا بل ساڙي ڇڏيا ۽ مختلف هنڌن تي ڌرڻا پڻ هنيا ويا.