ايشيا ڪپ جي سيڪيورٽي فوج ۽ رينجرز حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا ايشيا ڪپ جي سيڪيورٽي لاءِ فوج ۽ رينجرز جي مقرريءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، وفاقي ڪابينا کان گهرو وزارت جي سمري جي سرڪوليشن جي ذريعي منظوري ورتي وئي آهي.

ذريعن موجب، ايشيا ڪپ لاءِ فوج ۽ پنجاب رينجرز جي مقرري 27 آگسٽ کان ڇهه سپٽيمبر تائين هوندي، جنهن ۾ پنجاب رينجرز سڪينڊ ٽير ڪيو آر ايف موڊ ۾ هوندي، جڏهن ته پاڪ فوج جي مقرري ٿرڊ ٽير ڪيو آر ايف موڊ ۾ هوندي.

حڪومتي ذريعن موجب، ايشيا ڪپ جي سيڪيورٽي لاءِ اسپيشل فورسز اسٽينڊ باءِ رهنديون.

ياد رهي ته پاڪستان جي ميزباني هيٺ ٽيهه آگسٽ کان شروع ٿيندڙ ايشيا ڪپ ۾ هڪ مئچ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۽ ٽي مئچون قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.