پاڪستان سڄي دنيا جي امن لاءِ قيمت ادا ڪري رهيو آهي: برطانوي هاءِ ڪمشنر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر مس جين ميريٽ چيو آهي ته افغانستان ۾ ڪالعدم ٽي ٽي پي سميت ٻين دهشتگرد جماعتن جي ڪارروائين تي ڳڻتي آهي.
نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر مس جين ميريٽ افغان طالبان کان دهشتگرد تنظيمن خلاف ايڪشن وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته افغانستان جي مسئلي ۽ صورتحال تي هاڻ به دنيا جون نظرون آهن.
هن چيو ته طالبان حقاني گروپ ۽ ٻين تنظيمن کي قابو ڪن، افغانستان ۾ دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته اهي نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ خطرو هوندا.
سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏئي پاڪستان ئي نه پر سڄي دنيا جي امن لاءِ قيمت ادا ڪري رهيون آهن، پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اهم ترين اتحادي ۽ فرنٽ لائن ملڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.