فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) آمريڪي زال مڙس جن کي دڪان تان سودو وٺڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، هاڻ اهي پنهنجون ڀاڄيون پاڻ پوکين ٿا. گوشت لاءِ هو انهن جانورن جي چونڊن ڪن ٿا جيڪي گاڏين جي ٽڪر يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري مري وڃن ٿا.
26 ورهين جو جيسن رسل ۽ ايرڪ جوزف ليوس روز گوشت کائيندا آهن پر ان لاءِ هو بازار ناهن ويندا. گذريل 6 مهينن کان هنن پنهنجون بيريز، مشروم، ناريل، ناشپتي، ڌاڻا ۽ ڦودنو پاڻ پوکيو آهي.
هو خنزير ۽ اگوانا ڪِرڙين جو گوشت شوق سان کائيندا آهن، پنهنجن مائتن کان ڪڪڙين جا بيضا وٺندا آهن ۽ پاڻي مان مڇيون پڪڙي پروٽين جي ضرورت پوري ڪندا آهن.
جيڪڏهن ڪو جنگلي جانور روڊ پار ڪندي تيز رفتار ٽريفڪ جي وڪڙ ۾ اچي ويندو آهي ته هو ان کي فوري طور تي کڻي وٺندا اهن ۽ ان جي دعوت ڪندا اهن. هڪ وڏي هرڻ جي مرڻ سان کين 35 ڪلو تائين گوشت ملي ويندوآهي. ان کانسواءِ روڊ تي مُئل خنزيرن، ڪوئن، نوريئڙن، بدڪن ۽ ٽَرڪي وغيرهه کي به کڻي وٺندا آهن ۽ انهن کي کائي ڇڏيندا آهن.
پر انهن سمورين ڪوششن باوجود هو سودا سامان ۽ مصالحا خريد ڪندا آهن جنهن تي 50 ڊالر خرچ ٿي ويندا آهن. ان رقم مان هو چانور، ڏهي ۽ کير وغيرهه خريد ڪندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن مٺو کائڻ تي دل ڪڍندي آهي ته هو 20 کان 25 ڊالرز جا مٺا کاڌا به خريد ڪندا آهن.
هاڻ هو پوک کي وڌيڪ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.