نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صحت ۽ قانون واري نگران وزيرن فاطمه ڦرڙو جي وارثن سان تعزيت ڪري کين انصاف جي خاطري ڪرائي.
صحت وارو وزير خالد سعد ۽ قانون وارو وزير محمد عمر سومرو پير جي حويلي ۾ مارجي ويل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي گهر پهتا، جتي هنن مقتولا جي والدين سان ملاقات ڪئي.
نگران وزيرن فاطمه ڦرڙو جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته توهان جي هر قسم جي قانوني ۽ مالي مدد ڪئي ويندي، قاتل قانون جي پڪڙ کان نه بچي سگهندا.
Next Post
You might also like