مودي پاران چونڊون کٽڻ لاءِ وڏي حملي جي رٿابندي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي قانوني ماهر مودي جي شيطاني منصوبي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا.

سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ پرشانت ڀوشن مودي سرڪاري تي پلواما ۽ بالا ڪوٽ 2.0 جي رپيٽ ٽيلي ڪاسٽ جو الزام لڳائي ڇڏيو.

مشهور ڀارتي قانوندان پرشانت ڀوش چيو آهي ته 2024ع جي چونڊن کان اڳ مودي سرڪاري رام مندر ايوڌيا تي جعلي دهشتگرد حملو ڪرائيندي. دهشتگرد حملي جو ملبو پاڪستان تي وجهي جنگ جو ماحول بڻايو ويندو.

پرشانت ڀوشن موجب بالا ڪوٽ جي طرز تي ڀارتي فوج آزاد ڪشمير ۾ جعلي زميني ڪارروائي ڪري مودي جي چونڊون کٽڻ جو رستو کوليندي.

اهڙن منصوبن جا اطلاع ۽ ذريعا تصديقي آهن. چونڊون کٽڻ لاءِ پاڪستان مخالف نظريو، جعلي سرجيڪل اسٽرائڪ ۽ جنگي ماحول بڻائڻ واري مودي سرڪار جي روايت پراڻي آهي.

هن چيو ته مودي سرڪار 2019ع ۾ به پلواما ۽ جعلي سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو رچائي چونڊن کي متاثر ڪيو، مودي چونڊون کٽڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگھي ٿو، چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جو منصوبو شروع ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.