ايئرپورٽن تي پکين کي مارڻ لاءِ جديد سسٽم لڳائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سول ايوي ايشن اٿارٽي ملڪ جي ٽن وڏن ايئرپورٽن ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد تي جهازن سان پکي ٽڪرائجڻ جي واقعن کي ڏسندي برڊ ريپيلنٽ سسٽم (پکين کي مارڻ يا ڀڄائڻ جو جديد سسٽم) لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
برڊ ريپيلنٽ سسٽم لڳائڻ جو ٺيڪو جنهن فرم کي ڏنو ويندو، اها اڳ ۾ ان سسٽم جي ٽيسٽنگ ڪرائيندي، ان کانپوءِ سسٽم لڳايو ويندو.
سول ايوي ايشن اختيارين جو چوڻ آهي ته ان جديد سسٽم کي لڳائڻ لاءِ ملڪي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون رابطو ڪري سگهن ٿيون، منصوبو ايندڙ سال جي شروعات تائين مڪمل ڪيو ويندو.
واضح رهي ته پکي ٽڪرائجڻ سبب پي آءِ اي سميت ٻين ايئر لائنز کي هر سال لکين ڊالرن جو نقصان ٿيندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.