ڪراچي: ٻارڙين سان زيادتي ڪندڙ ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي عدالت ٻارڙين سان زيادتي جي ٻن ڪيسن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ٻارڙين سان زيادتي جي ٻن ڪيسن ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.
عدالت ڪياماڙي ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار شريف کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ۽ کيس ٻه لک رپيا ڏنڊ ڀرڻ جو حڪم به ٻڌايو.
پوليس موجب جوابدار خلاف گذريل سال ڪيس داخل ڪيو ويو هو.
عدالت ٻئي ڪيس ۾ سرجاڻي ٽائون ۾ ٻارڙي سان زيادتي جي جوابدار طارق کي 10 سال پورهئي سان گڏ قيد جي سزا ٻڌائي ۽ کيس هڪ لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.