ٽورنٽو (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته رات جي شفٽن ۾ ڪم ڪرڻ وچولي عمر ۽ پوڙهن ماڻهن ۾ يادداشت جي مسئلن جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
ڪينيڊا يورڪ يونيورستي سان واسطو رکندڙ محققن جي ٽيم 41 هزار 811 ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو. اها ڊيٽا نوڪري، ڪم جي وقتن ۽ دماغي ڪارڪردگي جي ٽيسٽ جي نتيجن مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ تي ٻڌل هئي.
ان انگ ۾ 20 سيڪڙو ماڻهن پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪهڙي نه ڪهڙي طرح شفٽ ۾ ڪم ڪيو هو.
اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي موجودهه نوڪري ۾ رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا انهن جي دماغي ڪارڪردگي ۾ رڳو ڏينهن جي وقت ڪم ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ مسئلن جا امڪان 79 سيڪڙو وڌيڪ هئا. جڏهن ته اهي ماڻهن جن پنهنجي ڊگھي ترين نوڪري ۾ رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪيو هو انهن ۾ انهن مسئلن جي شرح 53 سيڪڙو وڌيڪ هئي.
تحقيق جي ليکڪن جو چوڻ هو ته ان جو سبب سِرڪاڊين ردم (اسان جي جسم جي گھڙي) ۾ خلل کي قرار ڏئي سگھجي ٿو.
جرنل Plos One ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٽيم ٻڌايو ته مطالعي ۾ شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ ۽ دماغي ڪارڪردگي جي مسئلن وچ ۾ واسطو سامهون آيو آهي. محققن جو خيال آهي ته سرڪاڊين ردم ۾ خلل دماغي ڪارڪردگي جي مسئلن جي خطرن ۾ اضافو ڪري سگھي ٿو.
واضح رهي ته ماضي جي هڪ تحقيق مان اها ڳالهه ٻڌائي وئي آهي ته شفٽ ۾ ڪم ڪرڻ (يعني صبح جو 9 کان شام جو 5 وڳي جي روايتي وقتن کانسواءِ ڪم ڪرڻ) صحت تي واضح اثر وجهي ٿو.
You might also like