عدالت جو ٽڪ ٽاڪ بابت وڏو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي کي ٽڪ ٽاڪ تان غير اخلاقي مواد هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ۽ قرار ڏنو ته سوشل ميڊيا ريگوليٽري اٿارٽي کي فعال ڪرڻ جي به ضرورت آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صاحبزادا اسدالله ۽ جسٽس خورشيد اقبال تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ شهري ثاقب الرحمان طرفان ٽڪ ٽاڪ لائيو سيشنز ۾ وڌندڙ غير اخلاقي مواد ۽ پشتو ٻولي ۾ نازيبا حرڪتن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ٽڪ ٽاڪ جي لائيو فيچرز کي بدعنواني ۽ فحاشي کي هٿي لاءِ منظم طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، انهن سيشنز ۾ ويورشپ وڌائڻ ۽ مالي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي فحش اشارا، نازيبا گفتگو، گنديون گاريون ڏنيون پيون وڃن.
درخواستگذار جي وڪيل نعمان محب ڪاڪا خيل اپيل ڪئي ته ٽڪ ٽاڪ انتظاميا کي هدايت ڪئي وڃي ته غير اخلاقي مواد جي فوري طور روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.
پي ٽي اي وڪيل جهانزيب محسود عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي اي غير قانوني مواد کي بلاڪ ڪري رهي آهي، غير اخلاقي مواد جي شڪايتن لاءِ به پورٽل ٺاهيو ويو آهي، ٽڪ ٽاڪ اسلام آباد ۾ آفيس کولي ۽ اتان به اهڙي مواد جي روڪٿام ٿيندي آهي.
عدالت ٽڪ ٽاڪ تان غير اخلاقي مواد هٽائڻ جو حڪم ڏنو ۽ قرار ڏنو ته پيڪا ايڪٽ تحت ڪم ڪندڙ ادارن کي به متحرڪ ٿيڻ جي ضرورت آهي ۽ ان سان گڏ عدالت رٽ پٽيشن اڪلائي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.