ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار علي خان چيو آهي ته هن جي خواهش آهي ته سندس ٻار اداڪار نه بڻجن ۽ جيڪڏهن سندس ٻار اداڪار بڻيا ته کيس سٺو نه لڳندو.
علي خان ويجهڙ ۾ هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي تفصيلي ويچار ونڊيا.
هن هاليووڊ ، باليووڊ ۽ لاليووڊ ۾ ڪم جي فرق بابت سوال تي ٻڌايو ته ٻين فلم انڊسٽريز ۾ ڪم ۽ وقت تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ شوٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي منجهند جا ٻه ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن ايڏي دير سان شوٽنگ شروع ٿيندي ته ڪم ڪيئن ٿي سگهندو؟
سندس چوڻ هو ته هاليووڊ ۾ ائين ناهي ٿيندو، اتي هر ڪو وقت تي شوٽنگ سيٽ تي پهچي ٿو ۽ هر ڪوئي اڳواٽ ۾ ئي پنهنجي ڪردار تي ڪم ڪري پهچندو آهي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ نه رڳو اداڪار پر گهڻي ڀاڱي هدايتڪار به منظرن جا مڪالما پڙهڻ کانسواءِ ايندا آهن، جنهن سبب بار بار ري ٽيڪس ٿين ٿا ۽ وقت ضايع ٿئي ٿو.
علي خان چيو ته پاڪستان ۾ ائين به ٿيندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن اداڪار کي پنهنجا ڊائلاگ ياد ناهن هوندا ته ڪو ٻيو شخص کيس ڊائلاگ ٻڌائيندو آهي پوءِ اداڪار ان جي ڪاپي ڪندو آهي.
اداڪار موجب، هاليووڊ ۾ ائين ناهي ٿيندو، اتي هڪ ڏينهن اڳ ئي اداڪار کي ڪم ڏنو ويندو آهي ته ٻئي ڏينهن کيس ڇا ڪرڻو آهي.
هن ٻڌايو ته هاليووڊ وڊ ۽ باليووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو هوندو آهي، اتي جيترو سينيئر ۽ وڏو اداڪار هوندو آهي، اوترو ئي وڌيڪ محنت ڪندو آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندس خواهش آهي ته سندس ٻار شوبز ۾ نه اچن.
علي خان وضاحت ڪئي ته هو ٻارن کي سٺي انڊسٽري ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ئي ايتري محنت ڪري رهيو آهي.
اداڪار چيو ته هو انڪري محنت ڪري رهيو آهي ته جيئن سندس ٻار اداڪار نه بڻجن، هو چاهي ٿو ته سندس ٻار شوبز ۾ نه اچن.
هن وڌيڪ چيو ته سندس پٽ وڪالت جي تعليم حاصل ڪري رهيو آهي ۽ هن جي خواهش آهي ته هو وڪيل بڻجي، جڏهن ته سندس ڌيءَ کي ڪجهه اداڪاري جو شوق آهي، پر هو ڌيءَ کي تعليم جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هاليووڊ ۽ باليووڊ وارن وٽ وقت جو قدر آهي، پاڪستاني اداڪارن کي ڊائيلاگ به ياد ناهن هوندا: علي خان
Prev Post
You might also like