اسلام آباد + ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سنگهه جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءَ منظور ڪيا ويا ۽ چيو ويو ته سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي.
قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پ پ ميمبر اسلم عالم نيازي ڀارت جي بچاءَ واري وزير راج ناٿ سگهه جي سنڌ بابت بيان تي مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ڀارتي بچاءَ واري وزير جو بيان مذمت جوڳو ۽ پاڪستان جي خود مختياري تي حملو آهي، سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي.
هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ ميمبر مڪيش ڪمار چاولا مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن تي ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هٿان بدترين شڪست کائڻ کانپوءِ ڀارتي وزير وائرائپ جو شڪار آهي، نه ڪير سنڌ کي پاڪستان کان ڌار ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سرحدون تبديل ڪري سگهي ٿو، سنڌ متحد ۽ پاڪستان سان گڏ رهندو.
اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي به ٺهراءَ جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ مذمتي ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو.
”سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي“ سنڌ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڀارتي بچاءَ واري وزير جي بيان خلاف ٺهراءَ منظور
You might also like