نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ليجنڊري بيٽر سنيل گواسڪر چيو آهي ته ٽيسٽ ٽيم جو ڏکڻ آفريڪا هٿان سيريز ۾ شرمناڪ شڪست کانپوءِ مڪمل پوسٽ مارٽم ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته ڀارت جو گهريلو ميدانن تي ناقابلِ شڪست رهڻ وارو تاثر هڪ سال اندر ٻيهر سيريز ۾ وائٽ واش سان ختم ٿي ويو آهي.
ڏکڻ آفريڪا تازو ئي گهر جي ڪاغذي شينهن کي گهر ۾ ئي ڍير ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ ڀارت جو گهرو ميدانن تي ناقابلِ شڪست رهڻ وارو تاثر هڪ ڀيرو وري ٽٽي ويو، ان کان اڳ نيوزيلينڊ به ڀارت کي هوم سيريز ۾ وائيٽ واش ڪيو هو.
ياد رهي ته ميزبان ٽيم ڪولڪتا ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ٽن ڏينهن اندر ئي هارائي وئي ۽ ٻي ميچ ۾ پنجين ڏينهن 549 رنسن جي جبل جيڏي هدف جي جواب ۾ 140 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
اِها ڀارتي ٽيم جي پنهنجي هوم ميدانن تي کيڏيل آخري ستن ميچن دوران پنجين شڪست هئي، جنهن جي شروعات اٽڪل هڪ سال اڳ نيوزيلينڊ 0-3 وائيٽ واش کان ڪئي هئي.
ان حوالي سان سنيل گواسڪر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي ٽيم جو مڪمل پوسٽ مارٽم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ڄاڻي سگهجي ته ڪهڙن شعبن ۾ ٽيسٽ ليول تي مضبوطي آڻڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته روي شاستري، راهول ڊريوڊ، انيل ڪمبلي، سارو گنگولي ۽ سچن ٽنڊولڪر کي شامل ڪيو، گڏ ويهي ايندڙ 5 سالن لاءِ حڪمت عملي تيار ڪيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
ٻئي پاسي، هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير تي بيٽنگ آرڊر ۾ مسلسل تبديلين تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
پر سنيل گواسڪر گوتم گمڀير جي دفاع ڪندي چيو ته ڪارڪردگي جي ذميواري رانديگرن تي به لاڳو ٿئي ٿي، ڪوچ ٽيم کي تيار ڪري سگهي ٿو، پر ميدان ۾ وڃي ڪارڪردگي ڏيکارڻ رانديگرن جي ذميواري آهي.
گواسڪر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان چيمپيئنز ٽرافي ۽ ايشيا ڪپ کٽڻ جو ڪريڊٽ کيس ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيو ته مهرباني ڪري ٻڌايو ته توهان کيس 22 گز جي پچ تي ناڪاميءَ جو ذميوار ڇو قرار ڏيڻ چاهيو ٿا؟
سينيئر ڪامينٽيٽر هارشا ڀوگلي ايڪس تي لکيو ته ”ڀارت ۾ کيڏندي ڀارتي ٽيم جي چوڌاري هڪ رعب هوندو هو، پر هاڻي ڏسي رهيا آهيو ته اِهو روشني وانگر پري ٿيندو پيو وڃي.“
اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر دنيش ڪارٿڪ چيو ته ”ٽيمون ڀارت اچي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان لنوائينديون هيون، پر 12 مهينن اندر ٻيهر وائيٽ واش، هي ڀارتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ لاءِ ڏکيا ڏينهن آهن، سخت فيصلا ڪرڻا پوندا.
You might also like