مرشد

عاجز جمالي

مرشد مست علي شاھ جڏھن به ڳوٺ ايندو ھئو ته ربنواز خان عرف رئيس ربن خان جي اوطاق تي ميلو مچي ويندو ھئو، اوطاق ھر وقت مھمانن سان ڀريل ھوندي ھئي ، پري پري جي ڳوٺن تائين اھا خبر ٻيلي کي لڳل باھ جيان پکڙجي ويندي ھئي ته مرشد مست علي شاھ رئيس ربن خان جي اوطاق تي پھچي ويو، مريدن جون قطارون لڳي وينديون ھيون، مريد اوطاق تي پھچي مرشد جي زيارت ڪندا ھئا ، ڌاڳو سڳو به ڪرائيندا ھئا ، مرشد کي ڏن ڏيئي باغ بھار ٿيندا ھئا. مرشد کي ڏن ڏيڻ لاءِ    ڪو پھرون پڙيءَ  تي چاڙھيندا ھئو ته ڪو اوڌر  سوڌر ڪري به مرشد جي پيرن ۾ نذرانو ضرور رکندو ھئو ڇو ته جتي ستي سيد کي پٺ ڏيڻ قيامت ڪاري ڪرڻ مثل ھئو، مرشد جي اوطاق تي پھچڻ بعد رئيس ربن جي اوطاق تي ھر وقت محفل متل ھوندي ھئي، ھڪ پاسي ڏنڊو ڪونڊو پيو گھوٽبو ھئو ته ٻئي پاسي سلفيءَ  مٿان سلفي پئي ڦرندي ھئي، ڏنڊي ۾ لڳل ڇيرن مان ڇم ڇم جو آواز ڪونڊي  کي ايندڙ  رھڙي سان گڏجي رم جھم جھڙو مڌر سر ٺاھيندا ھئا ، ڀنگ سان گڏ بادام خش خش کنڊ۽ ٿاڌل ملائي پيالو تيار ٿيندو ھئو، سائي جو پھريون پيالو ڀري مرشد کي پيش ڪبو ھئو بعد ۾ ڪونڊي جي چوڦير چوڪڙي ٺاھي ويٺل مريد سر تال ۾ گڏجي نعرو بلند ڪندا ھئا  سخي قادري قلندر ھوءَ  جيئي مرشد مست علي شاھ، سدا جيئي ، ھڪ ڪونڊي مان ڏھ ٻارھن مريد فيضياب ٿيندا ھئا ، پيالي کان پوءِ  ڪنڊ۾

رکيل ٺڪر جي  سلفي جو وارو ايندو ھئو. ڳوٺ ۾ مرشد جو خاص خليفو خانڻ عرف خانو وزم ٺاھڻ ۾ بلا جو ڪاريگر ھئو، ماچيس جي تيلي جي سادي پاسي وزم جو ٽڪرو ٽنبي ٻي تيليءَ  سان چرس جي ٽڪري کي سيڪ ڏيندو ھئو، ۽ بعد ۾ ھٿ جي تريءَ  تي رکيل تماڪ سان ملائڻ لڳندو ھئو ته سڄي ڪمري ۾ خوشبو ڦھلجي ويندي ھئي جيڪا پياڪن ۾ بي چيني پيدا ڪندي ھئي ،تماڪ  سلفي ۾ وجھي مٿان پراڻي واڻ جي نوڙي مان ڦلو  ٺاھي ان کي سلفي جي منھن تي  رکي ڪو مريد سلفي کي چپن تي رکندو ھئو ڀر ۾ ويٺل ڪو ٻيو مريد ڦلي کي تيلي ڏيندو ھئو ۽ خليفي خانڻ جي زوردار سوٽي سان ئي سلفيءَ  مان دونھي جا لاٽ نڪرندا ھئا  خانڻ پنھنجي ھٿن سان ئي پھريون سوٽو مرشد کي  ھڻائيندو ھئو ان  سان گڏ ئي فضا ۾ ٻيھر نعري جي گونج. سخي قادري قلندر ھوءَ  پيئون ٿا چرس گھمون ٿا عرش ڀيڄ مرشد مست علي شاھ ۽ زوردار ٽھڪ ٻرڻ لڳندا ھئا. پيئڻ پيئارڻ جو سلسلو رات دير تائين پيو ھلندو ھئو ، مرشد ڳاڙھي کٽ تي رکيل  نئين رلي ته ويھي ڄنگھون سڌيون ڪندو ھئو ڪو نه ڪو مريد سندس ڄنگھين کي زور پيو ڏيندو ھئو کٽ جي ھيٺ چوڦير مريد ھوندا ھئا ڪو نئون مريد ايندو ھئو ته مرشد جي پيرن تي ھٿ رکي زيارت ڪندو ھئو. مرشد ڪڏھن ڪڏھن کٽ تي ويھي پير لڙڪائييندو ھئو ته زيارت لاءِ    ايندڙ ڪجهھ مريد سندس پيرن کي چميون به ڏيندا ھئا ، خاص ڪري ٻارن کي ته ضروري ھدايت ھوندي ھئي سائين بابا جا پير ضرور چميو جيڪا دعا گھرندو سا پوري ٿيندي  ٻارڙا پيرن ۾ ڪري مرشد کان سڳو پڙھائيندا ھئا ۽ امتحان ۾ پاس ٿيڻ لاءِ دعا گھرندا ھئا مرشد کين ڪارو ڌاڳو پڙھي ڏيندو ھئو.

مرشد جڏھن به ڳوٺ ايندو ھئو ته ان دوري جو ھڪڙو ڏينھن خاص طور تي زائفائن لاءِ رئيس ربن جي حويليءَ ۾ رکيو ويندو ھئو ان ڏينھن حويليءَ ۾ عورتن جي صفا پيھه لڳل ھوندي ھئي مريدن جيان مريدياڻيون به پري پري کان پنڌ ڪري اچي مرشد مست علي شاھ جي زيارت ڪنديون ھيون

مرشد منھنجي ننھن کي پٽ جو اولاد ڏي، سائين منھنجي نياڻيءَ  جي جن مان جان ڇڏاءِ، مرشد سڳورو منھنجي مڙس کي سلھه جي بيماريءَ  مان ڇوٽڪارو ڏيار،جيتريون مايون اوتريون صدائون ھر عورت چار پنج ڌاڳا کڻي ايندي ھئي ،مرشد جو سڄو ڏينھن ڌاڳن کي ڳنڍيون ڏيندي گذرندو ھئو  ھر ڌاڳي سان گڏ ھر عورت پنجاھ سئو روپين جو نوٽ رکندي ويندي ھئي

حويليءَ ۾ جنھن ڏينھن مرشد ايندو ھئو ان ڏينھن رئيس ربن جي ننڍي نيٽي وني  وڏيري صفا ڪپڙن ۾ نه ماپيندي ھئي ، جيئن ئي مرشد زيارت ڪرائڻ لاءِ    داخل ٿيو ته وڏيري بس مرڪن مھڪڻ لڳندي ھئي ، ھر عورت هئي مرشد کي وڏيري کان سفارش ڪرائيندي ھئي ڇوته  وڏيريءَ  جي ھر ڳالهھ مرشد لاءِ    لوھ تي ليڪي برابر ھوندي ھئي  ڪا عورت مرشد کان پٽ گھرڻ ايندي ھئي ته مرشد مست علي شاھ رڙ ڪري وڏيريءَ  کان پڇندو ھئو ته ڏيانس پٽ؟ جي منھنجا سائين  منھنجا گھوٽ مرشد ۽ مرشد غضب جي نھار سان وڏيري کي ڏسندو ھئو سندس اکيون وڏيريءَ  ۾ ھونديون ھيو  ڌاڳي کي ڳنڍون پيو ڏيندو ھئو.

رئيس رب نواز خان حياتيءَ  جي پڇاڙڪن پھرن ۾ ٽين شادي ڪئي ھئي ننڍي وڏيرياڻي ڀر واري ڳوٺ ۾ ھڪ  ھاريءَ  جي ڌي ھئي ٻنيون گھمندي ڦٽين جي چونڊائي ڏسندي ھارياڻي رئيس کي وڻي وئي ھئي ٻه  چار لک خرچ ڪري ٽين شادي ڪري آيو ھئو  ۽ ڳوٺ ۾ پنھنجي نئين ونيءَ  لاءِ  نئين حاويلي به جوڙايائين  مرشد مست علي جڏھن به ڳوٺ ايندو ھئو ته عورتاڻي محفل نئين حويليءَ    ۾ مچندي ھئي جتي مرشد مريدياڻي کي زيارت ڪرائيندو ھئو  ھنن محفلن ۾ مرشد سائين تي  ننڍي وڏيرياڻي تي جادو ھلي ويو  ۽ مست علي شاھ سندس زلفن جو اسير بڻجي ويو.

ھڪ ڏينھن شام جو ڳوٺ ۾ ھر پاسي سس پس ھئي، جيترا وات ھئا اوتريون ڳالھيون ھيو. ڪنھن به نه پئي ڄاتو ته آخر ٿيو ڇا؟ يا وري ڪنھن ۾ به ايڏي ھمٿ پيدا نه پئي ٿي جو ھڪ ٻئي کي سچ ٻڌائي سگھن ، ھر مڙس توڻي زائفان جا چپ سبجي چڪا ھئا يا مت ڇڏائجي چڪي ھئي ، ڪير ڪڇي ته ڪيئن ڪڇي ، رات جا چار پھر الائي ڪيئن گذريا ھوندا ، ھر ماڻھو جي من ۾ عجيب ھر کر ھئي ، مجال آ جو ڪير پنھنجي من جي ڳالهھ ٻئي سان ونڊ ڪري .

ٻئي ڏينھن اخبار جي پھرين صفحي تي ڇپيل ننڍڙي خبر رئيس ربن خان جي ڪوٽ جا ڪنگرا ڪيرائي ڇڏيا ھئا ، خبر نه ھئي ڄڻ ته  قيامت ھئي ، ان خبر سبيل چپن جا ٽاڪا ٽوڙي ڇڏيا ھئا ، ماٺ ٿيل مخلوق کي زبان ملي وئي ھئي ، ھر اندر مان اڌما ٻاڦ ڏيئي ٻاھر نڪتا ، ڳوٺ جي سڄي خلق رئيس ربنواز خان لاءِ    چٿر بڻجي چڪي ھئي ، ھر ماڻھوءَ  جي زبان تي اخبار جي خبر ھئي. خبر جي سرخي ھئي ته ڳوٺ رئيس ربنواز مان مرشد مريدياڻي کي ڀڄائي ويو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.