سچو ڪير آھي ؟

نصرت جاويد

آچر واري ڏينھن کان  وٺي هي ڪالم لکڻ کان علاوه ٽي وي اسڪرينن تي به غيريقيني واري ڪيفيت ۾ رھيس. پنھنجي خدشن جو اظهار ڪندو رهيو آهيان. ان ھوندي بھ ويجهن دوستن کي به اها ڳالهه سمجهائي نھ سگھيس تھ آچر واري ڏينھن ھڪ ٽوئيٽ لکي ڪري  ايوان صدر ۾ موجود  موجود عارف علوي حقيقت ۾ پاڪستان جي رياستي بندوبست بابت  سموري دنيا کي ڇرڪائي ڇڏيو آھي.موصوف پاران ” الله کي گواھ “ ڪري ڳالهھ رڪارڊ تي آندي،شڪوھ وڏي مھارت سان ڪئي ۽ اھا دعويٰ ڪري رھيو آھي تھ  اسان جي نظر نھ ايندڙ حڪومت جيڪڏھن چاھي تھ پنھنجي اوليت مطابق پاڪستان جي ٻنھي ايوانن مان منظور ڪرايل ڪنھن قانون کي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر جي ”جاري ڪيل  دستخطن“ کان سواءِ  پڻ ڪم ۾ آڻي سگھي ٿي.موصوف جي دعويٰ تي اعتبار ڪيون تھ ايوان صدر ۾” ويٺل“ (۽ مان ھي  لفظ سوچي سمجهي لکي رهيو آهيان)شخص  رياستي ۽ حڪومت جي معاملن بابت قطعي غافل رکيو ويندو آھي. ھو پنھنجي دفتر اچي ڪنھن قانون کي واپس ڪرڻ جو حڪم صادر ڪري تھ اھو تعميل نٿو ٿئي. انڪار ڪرڻ بجاءِ  صدر صاحب کي بلڪھ ان جو ”ماتحت عملدار“ کيس ان ”دوکي“ هيٺ رکي ٿو تھ

حڪمن تي عمل ٿر رھيو آھي.

عارف علوي جي ٻڌايل ڪهاڻيءَ تي اعتبار ڪريون تھ ڪلاسيڪي داستانن جا اڻڳڻيا قصا ياد اچي ٿا وڃن،جتي بادشاهه يا مهاراجا سڏجندڙ حاڪم کي ان جي دربار جا ڪجهھ چالاڪ درٻاري سازشي گروھ جي صورت يڪسو ٿي ڪري ”مغوي“ جي صورت ۾ پنھنجي قبضي ۾ رکيل ان جي نالي سان  مملڪت جو ڪاروبار ھلائين ھئا، عارف علوي ان سلسلي ۾ بھرحال خوش قسمت ثابت ٿيو. سندس دور ۾ ”ٽوئيٽ“ جي سهولت ميسر ٿي چڪي آهي. هن سان  ”دوکو ٿي ويو“ تھ آچر جي ٽپھري تي سوشل ميڊيا تي ان کي  ”بي نقاب“ ڪري ڇڏيو.

سچ آخرڪار اسان پاڪستانين جي سامھون ايندو يا نھ ،ان بابت يقين سان ڪجھھ لکڻ جي قابل ناھيان.پاڪستان جي معاملن تي گھري نظر رکندڙ دوست ۽ دشمن ملڪن کي بھرحال عارف علوي اِها ”خبر“ پهچائي ڇڏي ، تھ پاڪستاني ڪامورا شاھي يا پارليمان نظر ايندڙ صدر (وزيراعظم ) جي تابع ناھي ھوندي آھي.انھن جو مالڪ  مختار ”ڪو“ٻيو آھي، اھي ان جي اشاري تي ڪٺ پتلين جي صورت ۾ عمل ڪندا آھن. عارف علوي جي ٽوئيٽ کي منھنجي بيان ڪيل منظر نامي ۾  ڏسو تھ پاڪستان جي ڪنھن بھ دوست يا دشمن ملڪ کي ھاڻي پياري وطن جي صدر (يا وزيراعظم) سان معاملا طئي ڪرڻ جي ضروت نھ آھي. ٻين ملڪن جي پهرين ترجيح اھا ھئڻ گھرجي تھ پاڪستان جي حقيقي ”مالڪن ۽ مختار“ ماڻھن سان لاڳاپا وڌائين ۽ هتي  ”نظر ايندڙ “ حڪومتن جي نمايان ماڻهن کي ”فيصلو ڪندڙن “ جو روپ ڌاري مسخرو ئي سمجھڻ گهرجي. عارف علوي جي لکيل ٽوئيٽ جي مهرباني سان دنيا جي  سامهون اچي ويل ان پھلوءَ تي  اسان جا ”ذهن ساز“ ڀرپور ڌيان ڏيڻ تي آمادھ ناھن. ٽي وي اسڪرينن ۽ يوٽيوب چينلز تي ڌاڪو ڄمائي ويھندڙ ”قانون ساز“ رڳو اهو فيصلو ڪرڻ ۾ منجھايا  پيا آھن تھ عارف علوي جي  ٽوئيٽ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي باني ۽ اهم اڳواڻن جي خلاف  آرمي ايڪٽ ۽ سرڪاري رازن بابت ”قانون“ جي سنگين نوعيت جا ڪيس ھلائي سگھجن ٿا.جيڪو بحث جاري آھي ان جي ھوندي پڻ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي سومر ڏينھن ” خاص عدالت“ ۾ پيش ڪيو ويو. اها عدالت سرڪاري رازن کي وائکو ڪرڻ جي ڏوهه جي جائزي لاءِ جوڙي وئي آهي، ان جي ڪارروائي سرڪاري رازن جي ”حساسيت“ جي بنياد تي ”ڳجھو “ رکي ويندي. هن وقت ”سرڪاري راز“ ظاهري طور آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير جو لکيل ”سائفر“ پيغام آهي، اهڙو پيغام ڳجهي ٻولي ۾ لکيو ويندو آهي. جنهن کي صرف چند ماڻهو ئي پڙهي يا ’ڊيڪوڊ‘ ڪري سگهن ٿا. ڊي ڪوڊ ڪڻ بعد اھڙي پيغام کي مستعمل ٻوليءِ ۾ جيڪو متن تيار ٿيندو آھي.ان کي پنجن کان وڌيڪ رياستي ۽ سرڪاري عملدار پڙھڻ جو مختار ھوندا آھن.پيغام جو جيڪو نقل تيار ٿيندو آھي اھو  هر صورت ۾ پرڏيهي وزارت کي واپس ڪرڻو ھوندو  آھي. عمران خان تي الزام آهي ته هن کي پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان ذڪر ڪيل  پيغام جي جيڪا ڪاپي ڏسڻ لاءِ موڪلي وئي ھئي سا ھن واپس نه ڪئي. عوامي جلسي ۾ ھن بند لفافو  هٿ ۾ لوڏيندي ان نقل جو ”اهم پيغام“ ماڻھن مڇرائڻ جي لاءِ پڌرو ڪري ڇڏيو. جنھن بعد  هن  ھڪ ٽي وي انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي ته ڊي ڪوڊ ٿيل پيغام جي جيڪا  ڪاپي ھن وٽ پھتي ھئي.اھا هن کان ڪٿي  "گم” ٿي وئي هئي.

فرض ڪريون ته عارف علوي جي دستخطن کان سواءِ اڳ ۾ موجود سرڪاري رازن بابت قانون ۾ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان پاس ڪيل ترميم جي ھاڻي ڪا اھميت نٿي رھي.ان ھوندي بھ “پراڻي“ قانون جي مطابق “ڊي ڪوڊ“ ڪيل پيغام جو متن “گم “ ٿيڻ ھڪ سنگين ڏوھه تصور ٿيندو.اعليٰ عدالتون جيڪڏھن عارف علوي جي ٽوئيٽ کانپوءِ تازي متعارف ڪرايل ترميمن کي مڃڻ کان لاڳو ٿيڻ جي قابل تسليم ڪرڻ کان  انڪار ڪري ڇڏين.تڏھن پڻ اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس ويجهن ساٿين کي ٻڌائڻو پوندو ته ”گم ٿيل“ ڪاپي ڪٿي آهي. عارف علوي جي آچر تي ٽوئيٽر جي  ذريعي ڪتب آندل ”ھوشياري“ بھرحال سندس محسن ۽ مربي يعني عمران خان جي ڪنھن ڪم نھ ايندي. سندن مشڪلات ۾ ايتري حد تائين اضافو ٿي ويندو جو ھن کي  هو ”هئي تم دوست جس ڪي…“ جھونگارڻ تي مجبور ٿي ويندو.

عارف علوي ٽوئيٽ ذريعي جنهن تماشي کي ڀڙڪايو آهي، اهو آخرڪار موصوف جي لاءِ بھ سنگين مسئلي جو سبب بڻجندو. سومر تي عارف علوي پنهنجي گريڊ 22 جي سيڪريٽري وقار احمد تي غفلت يا ڄاڻي واڻي ”دوکي“ جو ڏوھي قرار ڏيندي،پنھنجي دفتر مان ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي آھي.ڄاڻايل حڪم جي فوري تعميل جي بجاءِ   22 گريڊ جي آفيسر لکت ۾ عارف علوي کي ”غلط بياني “ جو ڏوھاري قرار ڏنو آھي.

گريڊ 22 جي آفيسر جي اھا دعويٰ آھي تھ جيڪي قانون  صدر جي دستخط لاءِ سندس آفيس ۾ موڪليا ويا هئا، اهي به ايوان  صدر ۾ قائم سندس  سيڪريٽريءَ جي آفيس ۾ نه پهتاھئا.انھن کي پارليمان جي نظرثاني جي لاءِ باقاعده طور تي  واپس ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي، صدر مملڪت تي جھڙوڪ سندس ”ماتحت “غلط بياني يا منھنجي سمجھھ موجب "ڪوڙ” جو ڏوھي قرار ڏنو آھي.هاڻي وطن عزيز ۾ ڪنھن نھ ڪنھن فورم کي اھو ضرور طئي ڪرڻو پوندو تھ عارف علوي يا سندس ماتحت منجھان ڪير سچو آهي؟

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.