آزاد جتوئي جي ياد ۾

طارق عزيز شيخ

آزاد جتوئيءَ  جي زندگي ھوائي جھاز جي اڏام جيان ھئي. ھن فرش کان عرش تائين، بلنديءَ  جو سفر ڪيو. ھن جيون جي اڏام ۾ جھولا، جھٽڪا کائي جڏهن سڪون جا سھڻا نظارا پئي ڪيا ته اوچتو موت جي خوفائتي طوفان کيس وڪوڙي وڌو ۽ ھو ھڪ لحظي منجهھ اکين کان اوجھل ٿي ويو.

26 آگسٽ 2009ع اھائي ڏکوئيندڙ تاريخ آهي، جڏهن آزاد جتوئيءَ  جو غم علمي ادبي کيتر کان وٺي سندس ھمعصرن ۽ خاندان کي مليو. آزاد جتوئيءَ  جي زندگي تي ھڪ نظر وجهبي ته ھو ھڪ متحرڪ شخص ڏسڻ ۾ ايندو، جنھن ھر شعبي ۾ اڳتي وڌي ڪاميابيءَ  سان منزلون ماڻيون.

ڏوڪريءَ  ۾ 4 مارچ 1956ع تي ھڪ مذھبي گھرائي ۾ سندس ولادت ٿي ۽ مٿس حضور بخش جتوئي نالو رکيو ويو. ھن کي ٻاراڻي وهيءَ  کان ئي لکڻ پڙھڻ جو شوق ھو. اھوئي سبب آھي جو پنھنجي اباڻي شھر ڏوڪريءَ  مان شاگردي واري زماني ۾ ئي ھن جو ادبي ذوق اڀري سامھون آيو. لاڙڪاڻي مان انٽرميڊيٽ ڪرڻ کان پوءِ ھن اڳتي پڙھڻ لاءِ ڄام شوري ڏانھن رخ ڪيو ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ  ۾ صحافت واري شعبي ۾ داخلا ورتائين. ھن جڏهن ادبي دنيا ۾ پير پاتو تڏهن قلمي نالو آزاد جتوئي رکي وک وڌايائين.

آزاد جتوئيءَ  ٻاراڻي ادب جو ڪتابي سلسلو "ڏياٽيون” تڏهن ئي شروع ڪيو. ليکڪ جڏهن پنھنجي ڪا تحرير اشاعتي اداري ۾ ڏيندو آهي، تڏهن کيس ڇپيل صورت ۾ نالو ڏسڻ تي به  وڏي سرھائي ٿيندي آهي پر آزاد جتوئي ابتدا کان ئي ھڪ پبلشر وارو ذھن رکي ميدان ۾ لٿو. ھن جي انھيءَ  تجربي مستقبل ۾ کيس ھڪ مشھور رسالي ۽ پوءِ اخبار جو ايڊيٽر بڻايو. آزاد جتوئي ريڊيو، ٽي وي تي پڻ بهترين پروگرام ڪيا. سندس پروگرامن ۾ ادبي موضوعن کان علاوه سماجي حوالي سان به گفتگو شامل رھندي ھئي، جيئن پي ٽي وي تي ھڪ پروگرام ۾ عورتن جي برابري واري حق ۾ يادگار پروگرام ڪيو ھئائين جيڪو ڪافي مشھور ٿيو.

اھڙي ريت آزاد جتوئي سنڌ جي وڏي ۾ وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۾ به سرگرم رھيو. بطور فنانس سيڪريٽريءَ  جي تمام ذميواري سان عھدو سنڀاليائين. ھن جون سگا ۾ جيڪي به  مالي معاملن کي ھلائڻ واريون سرگرميون رھيون، انھن کي سھڻي نموني نباھيو. اھوئي سبب ھو جو کيس سگا جي ڪاروباري ڪاميٽيءَ  جو به ميمبر مقرر ڪيو ويو. آزاد ڪجھه  عرصو ملڪ جي مشھور ۽ تاريخي تعليمي اداري سنڌ مدرسة السلام ۾ ڪلارڪي جي نوڪري به  ڪئي. ھن اتي به محنت ۽ ايمانداريءَ  سان ڪم ڪيو. انھيءَ  ڪري کيس بعد ۾ جڏهن ادارو ڇڏي, ٻئي ھنڌ ھليو ويو تڏهن به ميمبر طور ھن اداري جو حصو بڻيل رھيو.

آزاد جتوئيءَ  زندگيءَ  ۾ ھڪ ڪردار بينڪار طور به ادا ڪيو ۽ ڪامياب بينڪ آفيسر بڻجي پنھنجو مقام بڻايائين. ھن ملڪ جي مشھور بينڪ ۽ ھڪ مالي اداري ۾ بينڪ آفيسر کان وٺي سينيئر وائيس پريزيڊنٽ تائين حيثيت حاصل ڪئي. آزاد جتوئيءَ  مٿان ھر فيلڊ ۾ بخت جي ديوي مھربان رھي. ھو ھر ھنڌ پنھنجن خداداد صلاحيتن سبب سوڀارو رھيو.

آزاد جتوئيءَ  ادبي حوالي سان سٺيون ڪھاڻيون لکيون. سندس ھمعصرن ۾ سنڌ جا وڏا وڏا نالا نظر اچن ٿا، جن ۾ قمر شهباز، نصير مرزا، طارق عالم ابڙو، انور پيرزادو، فقير محمد لاشاري سميت ھڪ ڊگھي قطار اديب، شاعر ۽ صحافي دوستن جي ملي ٿي. ھن جڏهن ماھوار مومل رسالو ڪڍيو ھو، تڏهن سنڌي ادب ۾ رسالن جي حوالي سان ھڪ نواڻ نظر اچي وئي ھئي. ناليوارن ليکڪن جي تحريرن سميت جديد انداز وارو مئگزين ھو، جنھن ۾ سمورا موضوع شامل ھئا.

آزاد جتوئيءَ  جي علمي ادبي مصروفيت کان پوءِ سندس ذاتي زندگيءَ  کي ڏسون ته ان ۾ ھن کي ڪاميابيون مليون. عزت، شھرت، پيار، محبت ۽ خوشيون نصيب ٿيس. ڪتابن پڙھڻ جي شوق سبب آزاد جتوئي پنھنجي ڳوٺ ۾ به لائبريري قائم ڪئي پر سندس وڇوڙي کان پوءِ لائبريري به  وڌيڪ وقت ھلي نه  سگھي. مٿان وري موسم جي سختي ۽ بيرحمي، برساتن ۽ طوفانن جي صورت ۾ حملي آور ٿي لائبريري جو انت آندو.

آزاد جتوئيءَ  جي زندگي جو حسين ترين حصو سندس گھر ڌياڻي ۽ ٻارن سان گذاريل وقت رھيو. ھن جي زندگيءَ  کي حسين بڻائڻ جو وڏو ڪريڊٽ حسينه  جتوئيءَ  کي وڃي ٿو. ڏٺو وڃي ته اھا چوڻي بلڪل صحيح آهي ته عورت سان ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ کان پوءِ مرد جي تقدير بدلجندي آھي. جڏھن کان حسينه  جتوئي، آزاد جي زندگيءَ  ۾ شامل ٿي، تڏهن کان ئي کيس ڪاميابيون به ھن جا پير چمڻ لڳي ويون ھيون. آزاد، جيون جي ساٿياڻي به  ڄڻ ڪو ڪٺن امتحان پاس ڪري حاصل ڪئي ھئي. آزاد جي وني حسينه  جتوئي، جنھن کي شايد راڻو بنجي ٽڪساٽ کي پار ڪري مومل وانگر ماڻيو ھئائين. ان به  زندگيءَ  جي لاھن چاڙھن ۾ پنھنجي ور جو ھر پل ساٿ ڏنو. اھو زماني به ڏٺو ته حسينه  جتوئي پنھنجي ور سان زندگيءَ  جي ھر اسٽيج تي گڏ نظر آئي. ھن مڙس کي دوست بڻجي وک وک تي اڳتي وڌڻ ۾ ساٿ ڏنو. گھر کي ڏسڻ وائسڻ کان وٺي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ گھر کان ٻاھر مڙس سان علمي، ادبي ۽ صحافتي ذميواريون سنڀاليون. آزاد جتوئيءَ  ۽ سندس وني حسينه  جتوئي جي جوڙي کي علمي ادبي ۽ سماجي پروگرامن ۾ ساراھيو ويندو ھو.

آزاد جتوئيءَ  جي زندگي ائين ئي ڏينهن رات مصروفيتن ۾ گذري رھي ھئي جو روزاني مومل اخبار جي آفيس ۾ 26 آگسٽ 2009ع تي اوچتو کيس دل جو دورو پيو ۽ ھن دم ڌڻيءَ  حوالي ڪيو. ھيءُ  وڇوڙو به ڏاڍو المناڪ انداز ۾ ٿيو، جنھن جي تڪليف ھر سال انھيءَ  تاريخ تي تازي ٿئي ٿي، ۽ اکين منجهه اھي ئي نظارا، اسڪرين تي ھلندڙ فلم جيان نظر اچن ٿا. آزاد جتوئي ھر محفل ۾ منفرد شخصيت بڻيل ھوندو ھو. ھو آسمان تي تارن جي جهرمٽ ۾چمڪندڙ ھڪ الڳ، نمايان ۽ روشن ستارو ھو. 53 ورھين جي ڄمار ۾ ھن سھڻي انسان جي وڇوڙي تي ھيءَ  سٽون ذھن ۾ لھي اچن ٿيون:

"ڇني گل گلاب جا، ڪيئي ڌارون ڌار،

اڙي موت ميار، ايڏو ساڙ سڳنڌ سان.”

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.