مٺياڻي شھر ڪنهن وقت ۾ وڏي علم ادب واپار ۽ سونھن سبب سنڌ جي باقي شھرن کان الڳ سڃاڻپ رکندڙ شهر هو ۔ هي شھر آصف مٺياڻوي، سيد جعفر شاھ، جبار جوش ۽ ٻين نالي وارن شاعرن ۽ صوفي راڳين سان سڃاتو ويندو هو ۽ شيخ اياز جھڙا مٺياڻي ايليمينٽري ڪاليج ۾ استاد رهي چڪا آهن ۔
مٺياڻي ۽ ان جي آسپاس جي سوين شاگردن لاءِ گورنمينٽ پرائمري ملڪ پاڙو وارو اسڪول علم حاصل ڪرڻ جو معياري ۽ بھترين مرڪز رهيو آهي ۔ڪميونيڪيشن ۽ ٽيڪنالاجي جي هن جديد دور جي باوجود تاريخي ۔ ادبي ۔ سياسي حيثيت رکندڙ شھر مٺياڻي ۾ گورنمينٽ پرائمري ملڪ محلا اسڪول به تاريخي حيثيت پڻ رکي ٿو ۔ هن اسڪول جو وجود 1973 ۾ پيو. هتان پڙهي نڪرندڙ شاگرد مختلف عھدن تي مقرر آهن پر بدقسمتي سان مٺياڻي جي اسڪولن جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪنهن به دلچسپي نه ورتي آهي ۔ تعليم کاتي ته ڪو ٻوٽو نه ٻاريو پر شاگردن جا والدين به چپ جو روزو برقرار رکيو اچن پيا ۔
چونڊيل نمائندن تي ته ڪا ميار ئي نه آهي ڇو ته پنجن سالن کان شھر جي ڪنهن به مسئلي تي هنن ڪو به ڌيان نه ڏنو ۔ پوءِ اسڪولن جا مسئلا ڪٿان حل ڪرائندا ۔ مٺياڻي جي گورنمنٽ پرائمري ملڪ محلا اسڪول بنيادي سهولتن جي کوٽ جو شڪار آهي ۔ ۔ هڪ طرف تعليم کاتو ”پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ“ جا نعرا هڻي اربين رپيا حاصل ڪري رهي آهي ته ٻئي طرف هن اسڪول اندر فرنيچر ۔ پٽيوالو ۔ معصوم ٻارڙن لاءِ ٿڌو پاڻي ۔ شاگردن جي راند لاءِ راند جو ميدان ميسر نه آهي ۔ پٽيوالو نه هئڻ ڪري اسڪول اندر گندگي جا ڍير لڳل آهن جتي استاد ۽ شاگرد صفائي ڪرڻ تي مجبور آهن ۔ جڏهن ته پاڪستان جو هي واحد اسڪول آهي جتي ميدان نه هجڻ ڪري اسيمبلي نه ٿيندي آهي ۔ ڪو دور هو جو هن اسڪول اندر هڪ هزار جي لڳ ڀڳ شاگرد پڙهندا هئا ۔ پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن اسڪول جي اندر هن وقت صرف ۽ صرف 200 شاگرد پڙهي رهيا آهن ۔ بجلي نه هئڻ ۽ سخت گرمي سبب مختلف وقتن تي هن اسڪول اندر ڪيترائي شاگرد ۽ استاد بيھوش ٿي ويا آهن ۔ شاگرد گھٽ هئڻ ڪري اسڪول جي ڪلاسن اندر ويراني ڇانيل آهي ۔ هتان جي تعليم کاتي جي ڪامورن تباهي ڪناري پهچائڻ تي ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي ۔ انهيءَ جو اهم ڪارڻ انتظاميا جي بي ڌياني آهي جو اسڪولن کي نه پاڻي جي سهولت ۔ نه واش روم جي سهولت ۔ نه بجلي جي سهولت، نه راند کيڏڻ جو ميدان ، نه فرنيچر وغيره ۔
سنڌ ۾ هڪ ته پھريان ئي معياري تعليمي ادارن جي کوٽ آهي ۔ سٺي ساک رکندڙ جيڪي نالي ماتر ادارا آهن اهي سي حڪومت جا لاتعلقي واري باھ جي بٺي ۾ ساڙيا پيا وڃن ۔ هن اسڪول کي به ساڳيا ئي مسئلا درپيش آهن جيڪي ٻين ادارن ۾ آهن ۔
ياد رهي ته ٻار جي سکيا جو ٻيو گهر تعليم گاھ آهي ۔ جتي تعليم سٺي هوندي ته ٻار به پڙهي لکي سٺو انسان ٿيندو ۔ جيڪڏهن تعليم نه هوندي ته اسان وٽ به ڄٽ ۽ جاهيل پيدا ٿيندا ۔ لاڳاپيل اختيارين کي هن اهم مسئلي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ اهو مسئلو فوري طور تي حل ڪرڻ گهرجي ۔ اسڪول توڙي ڪاليج ٻارڙن کي هڪ گس ڏيکاري ٿي جتان اڳتي جي سفر جي تياري ٿئي ٿي ۔ انهن ئي ادارن مان به سکڻ جي صلاحيت رکندڙ ٻار اڳتي وڃي دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪندا رهيا آهن ۔سنڌ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جيڪڏهن سٺي ساک رکندڙ اهڙن ادارن ڏانهن توجهه ڏين ته اهي ادارا تعليمي ميدان ۾ سنڌ ۾ ڪرندڙ ساک کي وري بحال ڪري تعليم کي نئين سر اوج ڏياري سگهن ٿا ۔
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم کاتي ۽ سرڪار اعلانن کان اڳتي وڌي پٺتي پيل سمورن اسڪولن سميت گورنمنٽ پرائمري اسڪول ملڪ محلا کي به بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن معصوم گلڙن جھڙا ٻار بهتر تعليم حاصل ڪري سگهن ۽ هتان جي رهواسين کي به گهرجي ته پنهنجي اسڪولن جي عملي طور تي مالڪي ڪن۔