پ پ جو سي اي سي اجلاس، اعتزاز احسن عام چونڊن بابت اهم دليل پيش ڪري ڇڏيا

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽيو ڪميٽي ( سي اي سي ) جي اجلاس دوران ميمبرن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

ذريعن موجب، سي اي سي اجلاس ۾ مُلڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .

ذريعن جو چوڻ آهي ته ميمبرن مُلڪ ۾ عام چونڊن بابت تجويزون پيش ڪيون ۽ چيو ته پ پ نوي ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو موقف اختيار ڪري.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اعتزاز احسن چونڊون نوي ڏينهن ۾ ڪرائڻ بابت قانوني دليل به پيش ڪيا.

ذريعن موجب، مخدوم احمد محمود  مُلڪ ۾ عوامي رابطا مهم هلائڻ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ دورن جي تجويز ڏني.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.