ڪافور اڇي ميڻ بتي جهڙا به هوندا آهن ۽ ڪافور جون گوريون به بلنديون آهن، هي بلاڪس ٽيبليٽس آئل ۽ پائوڊر جي شڪل ۾ ملن ٿا.
اولهه جي طب ۾ هيل تائين ڪافور جي فائدن تي ڪا تحقيق ناهي ڪئي وئي پر چيني ۽ هندستاني ماڻهو ڪافور کي صدين کان استعمال ڪري رهيا آهن.
بنيادي طور تي مذهبي مقصدن لاءِ نه پر بيمارين جي علاج لاءِ به هن کي استعمال ڪيو ويندو آهي.
ڪافور ڪيترين ئي آيورويدڪ دوائن ۽ علاج ۾ به عام استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن ۾ کنگهه، زڪام، الٽي ۽ ٻيا علاج ۽ اهڙيون دوائون به شامل آهن جيڪي ڳالهائڻ جي سگهه ۽ نفسياتي مسئلن جي علاج لاءِ استعمال ڪيون وينديون آهن.
ڪافور جا ڪجهه فائدا هيٺ ڏجن ٿا.
ساهه جي مسئلن جو علاج ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
جسم ۾ ڪٿي به سور مان ڇوٽڪاري لاءِ استعمال ٿيندو آهي.
ٿڌ لڳڻ جو علاج ڪري سگهجي ٿو.
خارش ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند آهي.
فنگل انفيڪشن کي منهن ڏيڻ لاءِ فائديمند آهي.
ڦاٽل کڙين تي لڳائي سگهجي ٿو.
سڙيل کل تي استعمال ڪري سگهجي ٿو.
وارن جي صحت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.
چهري تي داغن ۽ موهيڙن جي خاتمي لاءِ ڪارائتو آهي.
پيٽ جي جيتن جي خاتمي لاءِ ڪم ايندو آهي.
خيال رهي ته ڪافور جي استعمال ۽ استعمال ڪرڻ جي طريقي جي حوالي سان ماهرن سان صلاح ڪئي وڃي.