لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ 2023ع جي مئچن لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ بورد ( بي سي سي آءِ ) جو صدر ۽ نائب صدر جي پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سمورن ميمبر مُلڪن ڏانهن دعوت ناما موڪليا آهن.
ذريعن موجب، ايشيا ڪپ لاءِ آءِ سي سي جي رڪن مُلڪن کي به مئچون ڏسڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي جي ميمبر مُلڪن کي به مئچون ڏسڻ لاءِ دعوت ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر راجر بني ۽ نائب صدر راجيو شڪلا کي به دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته اي سي سي جي صدر ۽ بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه ڏانهن به دعوت نامو موڪليو ويو آهي.
ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته راجر بني ۽ راجيو شڪلا جي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو امڪان آهي.