اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) شماريات کاتي مهانگائي جا هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن.
شماريات کاتي موجب، هفتيوار بنيادن تي مهانگائي جي شرح ۾ 0.05 سيڪڙو واڌ ٿي جنهن کانپوءِ سالياني بنيادن تي مجموعي شرح 25 ڏهائي 34 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي .
شماريات کاتي جو چوڻ آهي گذريل هفتي 22 شين جي قيمتن ۾ واڌ، 12 جي اگهن ۾ لاٿ ۽ 17 جا اگهه مستحڪم رهيا.
شماريات کاتي موجب، بصر 16 رُپيا، مٽرن جي دال ڏهه رُپيا، کنڊ ڇهه رُپيا ۽ ٿوم في ڪلو ڏهه رُپيا مهناگي ٿي، جڏهن ته آنن جو في ڊزن ست رُپيا مهانگو ٿيو.
مهري جي دال في ڪلو اٺ رُپيا مڱن جي دال ٻه رُپيا، ڪڪڙ في ڪلو چار رپيا، هڏي واري گوشت به ٻه رُپيا في ڪلو مهانگو ٿيو.
شماريات کاتي موجب، جيئري ڪڪڙ جي في ڪلو قميت 23 رُپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ٽماٽا ٻه رُپيا، ڪيلن جو في ڊزن ٻه رُپيا سستو ٿيو.
ان کانسواءِ ويهه ڪلو جي اٽي جي ٿيلي جي اگهه ۾ ست رُپيا لاٿ ٿي.