اهڙن موقعن تي بيٽنگ ملي ٿي ڪنهن ڏينهن دل جو دورو پئجي ويندو:نسيم شاهه

افغانستان خلاف ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جو چوڻ آهي ته اهم ميچن ۾ آخري اوورن دوران بيٽنگ ڪرڻ وقت دل جي دورو جو خطرو رهندو آهي.
گذريل ڏينهن ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ ٻي ميچ ۾ پاڪستان، سخت مقابلي کانپوءِ افغانستان کي هڪ وڪيٽ تان هارائي سيريز 2-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ميچ کانپوءِ انٽرويو ڏيندي نسيم شاهه چيو ته هلندڙ سال جيترا دفعا بيٽنگ آئي آهي، خدا نه ڪري ڪنهن ڏينهن دل جو دورو پئجي ويندو.
نسيم شاهه افغانستان خلاف تاريخي ڪاميابي تي چيوته سدائين ڪوشش ڪندو ڏکي صورتحال ۾ پاڻ تي يقين رکندو آهيان.
سندس چوڻ هو ته جڏهن وقت شاداب کيڏي رهيو هو يقين هو ته اسان ميچ کٽي وينداسين، پر سندس آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ منهنجي دل ۾ آيو ته سڀ ڪجهه منهنجي مٿان آهي ۽ بالر به ساڳو ئي آهي، خوشي جي ڳالهه اِها آهي ته اسان کٽي وياسين ۽ اسان کي ان ڪاميابي جي گهڻي ضرورت هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.