ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) مُلڪ ۾ رُپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب موجب، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ 78 پئسا واڌ ٿي آهي جنهن کانپوءِ هڪ ڊالر 301 رُپين جو ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو مُلهه 314 رُپين تي برقرار آهي.
ياد رهي ته گذريل هڪ هفتي دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ پنج رُپيا 22 پئسا اضافو ٿي چڪو آهي.