شادي لاءِ ڇوڪري ڇو نه ڳولي ڏنئي، پٽ هٿان ماءُ سروٽا هڻي قتل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ پٽ پنهنجي ماءُ کي شادي لاءِ ڇوڪري ڳولڻ ۾ ناڪامي تي قتل ڪري ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو افسوس ناڪ واقعو تلنگانه رياست جي بندا ميلرام ڳوٺ ۾ پيش آيو جتي پٽ 45 ورهين جي ماءُ تي شادي لاءِ ڇوڪري ڳولي ڏيڻ ۾ ناڪامي تي سروٽا هڻي وهشياڻو تشدد ڪيو ۽ پوءِ ماءُ جو ڳلو ڪپي کيس قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب قتل ڪيل عورت جي ڌيءَ پوليس ۾ شڪايت داخل ڪرائي جنهن کان پوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي پٽ سميت هڪ مائٽ کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس جو چوڻ هو ته عورت کي سروٽا هنيا ويا ۽ پوءِ پوليس کي گمراههه ڪرڻ لاءِ عورت جو ڳلو ڪپي سندس ڄنگھون به ڪپيون ويون.

پوليس موجب گرفتار جوابدارن جاچ دوران پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.