توشا خانا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جو وڪيل ساٿين سميت لفٽ ۾ ڦاسي پيو، حالت خراب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ عمران خان جي وڪيل لطيف کوسو ٻيا ماڻهو لفٽ ۾ڦاسي پيا جتي سندس حالت خراب ٿي وئي، انتظاميا 45 منٽن کانپوءِ کين ڪڍي ورتو.

ميڊيا رپورٽن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لفٽ ۾ وڪين جي ڦاسڻ جون وڊيوز وائرل ٿي ويون آهن، وائرل وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سردار لطيف کوسا موجود آهي، ساڻس گڏ نعيم حيدر پنجوٿا، علي اعجاز بٽر سميت سميت پندرنهن ڄڻڻ کي صحيح سلامت ٻاهر ڪڍيو ويو.

واضح رهي ته سمورا ماڻهو توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ عدالت جي ڪمري مان ٻاهر نڪري ٿرڊ فلور تي لفٽ ۾ سوار ٿيا ۽ لفٽ گرائونڊ فلور تي اچڻ دوران سيڪنڊ فلور تي خراب ٿي پئي

12 هين وڳي لفٽ ۾ سوار ٿيندڙ ڏهه کان وڌيڪ وڪيلن کي 12:45 تي لفٽ مان ڪڍيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.