دماغي تباهي جو سبب بڻجندڙ 11 عنصر ڪهڙا آهن؟

سائنسدانن دماغي تباهي جو سبب بڻجندڙ مرض ڊيمينشيا جو خطرو وڌائيندڙ 11 عنصرن کي سڃاڻي هڪ اهڙو ٽول تيار ڪيو آهي جيڪو ايندڙ 14 ورهين دوران ڪنهن به فرد ۾ ان بيماري جي اڳڪٿي ڪري سگھي ٿو.

2050ع تائين سڄي دنيا ۾ ڊيمينشيا جي شڪار ماڻهن جو انگ لڳ ڀڳ ٽيڻ تي وڌي 15 ڪروڙ 30 لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي.

پر ماهرن جو چوڻ هوته بيماري جو خطرو وڌائيندڙ عنصرن کي ڪنٽرول ڪرڻ سان 40 سيڪڙو ڪيسن جي روڪٿام ممڪن آهي.

جرنل بي ايم جي مينٽل هيلٿ ۾ ڇپيل تحقيق ۾ خطرو وڌائيندڙ عنصر بابت ٻڌايو ويو.

تحقيق موجب وچولي عمر ۾ جيڪڏهن ڪنهن فرد ۾ اهي عنصر ڏسڻ ۾ اچن ته ايندڙ 14 ورهين دوران ڊيمينشيا جي سڃاڻپ جو خطرو وڌي ويندو آهي.

برطانيا جي آڪسفورڊ يونيورسٽي جي تحقيق ۾ 50 کان 70 ورهين جي عمر جي 2 لک 20 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي هئي.

تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته عمر، تعليم، شگر جي تاريخ، ڊپريشن جي تاريخ، فالج جي تاريخ، والدين ۾ ڊيمينشيا جي تاريخ، هاءِ بلڊ پريشر، هاءِ ڪولسٽرول، اڪيلو رهڻ، مرد هجڻ ۽ غربت، دماغي تباهي جو سبب بڻجندڙ ان مرض جو خطرو وڌائيندڙ عنصر آهن.

تحقيق ۾ انهن عنصرن سان گڏ اهو به ڏٺو ويو ته هڪ مخصوص جين APOE ( ان کي ڊيمينشيا جو خطرو وڌائڻ جو سبب قرار ڏنو ويندو آهي) ڪنهن حد تائين بيماري جو سبب بڻبو آهي.

اهڙيءَ طرح هنن هڪ ٽول تيار ڪيو جنهن سان ڪنهن به فرد جي حوالي سان ڊيمينشيا جي سڃاڻپ جي اڳڪٿي ڪري سگھجي ٿي.

تحقيق موجب طرز زندگي جا عنصر جهڙوڪ سگريٽ ڇڪڻ کان پاسو، هاءِ بلڊ پريشر جي سطح ۾ گھٽتائي، جسماني وزن ۾ گھٽتائي ۽ الڪوهل کان پاسي ذريعي ڊيمينشيا جي 40 سيڪڙو ڪيسز جي روڪٿام ممڪن آهي.

محققن موجب انهن عنصرن سان ڊيمينشيا مان متاثر ٿيڻ جي امڪان جي خبر پوندي آهي، پر انهن کي حتمي نٿو چئي سگھجي.

ماهرن جو چوڻ هوته جيتوڻيڪ پوڙهن ماڻهن ۾ ڊيمينشيا جو خطرو سڀ کان وڌيڪ هوندو اهي پر شگر، ڊپريشن ۽ هاءِ بلڊ پريشر به ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.