سائفر ڪيس جي بند ڪمري ۾ ٻڌڻي، شاهه محمود جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ )آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خاص عدالت سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي خاص عدالت جي جج ابوالحسنات پي ٽي آجي جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ خلاف سائفر گم ٿيڻ بابت ڪيس جي بند ڪمري ۾ ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي شاهه محمود قريشيءَ کي عدالت ۾ پيش ڪيو.

شاهه محمود قريشي طرفان سينيئر وڪيل شعيب شاهين ۽ ايف آءِ اي جو اسپيشل پراسيڪيوٽر شاهه خاور عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران اسپيشل پراسيڪيوٽر پنهنجي دليلن ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين هڪ جلسي دوران سائفر لهرايو، جڏهن ته شعيب شاهين عدالت کي ٻڌايو ته سائفر جون ڪيئي ڪاپيون ٿي سگهن ٿيون.

ٻڌڻي دوران شاهه محمود قريشيءَ عدالت کي ٻڌايو ته پرڏيهي وزير طور سائفر پرڏيهي وزارت ڏانهن اُماڻيو ۽ هن سائفر چوري ناهي ڪيو.

ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي اسپيشل پراسيڪيوٽر، شاهه محمود قريشي جي وڌيڪ 9 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي جي وڪيل وڌيڪ جسماني رمانڊ جي مخالفت ڪئي.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌائيندي تحريڪ انصاف جي سينيئر وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي واڌ ڪندي کيس ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.