ويرات ڪوهلي ڏچي ۾، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ اهم بيان جاري ڪري ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي جي سوشل ميڊيا پوسٽ بي سي سي آءِ کي ڪاوڙائي ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ويرات ڪوهلي انسٽاگرام تي پنهنجي فالوورز سان يو يو ٽيسٽ جا نتيجا شيئر ڪيا هئا جنهن ۾ هن يو يو ٽيسٽ ۾ 17.2 اسڪور حاصل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ويرات ڪوهلي جي اهڙي قسم جي پوسٽ کانپوءِ بي سي سي آءِ ۾ ٿرٿلو مچي ويو آهي.
رپورٽن موجب، اڳوڻي ڪپتان جي پوسٽ کانپوءِ ڀارتي بورڊ اختيارين طرفان رانديگرن کي اهڙن معاملن احتياط ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بي سي سي آءِ رانديگرن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته يو يو ٽيسٽ رزلٽ ڳجهي معلومات آهي، اِها منظرِ عام تي نه آندي وڃي.
ان کانسواءِ بروڊ رانديگرن کي ياد ڏياريو آهي ته ڳجهي معلومات منظرِ عام تي آڻڻ سينٽرل ڪانٽريڪٽ شقن جي ڀڃڪڙي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.