نگران وزيراعظم سان آمريڪي سفير جي ملاقات، عام چونڊن بابت اهم ڳالهه ٻول

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملاقات ڪئي آهي.

وزيرِ اعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ آمريڪي سفير وزيرِاعظم جو عهدو سنڀالڻ تي انوار الحق ڪاڪڙ کي مبارڪباد ڏني جڏهن ته ان موقعي تي آمريڪي سفير پاڪستان جي اقتصادي ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت جو عزم ورجايو.

ملاقات دوران نگران وزيرِ اعظم ٻه طرفن لاڳاپن جي موجودا هاڪاري رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ گهرا لاڳاپا آهن، جيڪي گڏيل احترام، مفادن ۽ قدرن تي ٻڌل آهن.

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران حڪومت جي بنيادي ذميواري چونڊ عمل ۾ اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي، نگران حڪومت جي ذميواري آهي ته جهموري منتقلي جي دور ۾ آئيني تسلسل فراهم ڪري.

نگران وزيرِ اعظم پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ مدد ڪرڻ ۾ آمريڪا جي ڪردار کي ساراهيو ۽ پائيدار ترقي جي حاصلات لاءِ  سڌران تي ٻڌل ايجنڊا کي جاري رکڻ جو عزم ورجايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.