جيل ۾ مڙس جي حياتي کي خطرو آهي، سندس وزن به گهٽجي ويو آ: بشريٰ بي بي جو حلفي بيان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه جي گهرواري بشريٰ بيبي سُپريم ڪورٽ ۾ حلفي بيان جمع ڪرائي ڇڏيو جنهن ۾ هن عدالت کان عمران خان خراب حالت جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

سُپريم ڪورٽ ۾ بشريٰ بي بي طرفان حلي بيان حامد خان ايڊووڪيٽ جمع ڪرايو.

بيان ۾ بشريٰ بيبي چيو ته جيل ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتيءَ کي خطرو آهي، سندس وزن به گهٽجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي.

بشريٰ بيبي چيو ته ڪيترين ئي ڏکيائين ۽ مسئلن بعد 22 آگسٽ تي اٽڪ جيل ۾ مڙس سان ملاقات جي اجازت ملي، هو ڪمزور ٿي چڪو آهي، جيڪو 70 ورهين جي عمر ۾ خطرناڪ آهي، جنهن سبب سندس حياتي خطري ۾ آهي.

بشريٰ بي بي جو پنهنجي بيان ۾ چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته مُلڪ لاءِ ڪنهن به سختي ۽ قرباني سهڻ لاءِ تيار آهي، سُپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي خراب حالت جو به فوري نوٽيس وٺي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.