تاريخي ڪاميابي کانپوءِ ڀارت چنڊ تي ڪهڙي کوجنا ڪندو؟ اهم تفصيل سامهون اچي ويا

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي خلائي مشن چندريان ٽيون جي چنڊ تي ڪاميابيءَ سان لهڻ کانپوءِ ان ۾ موجود چنڊ گاڏي يا پرگيان نالي ”روور“ چنڊ جي سطح تي هلڻ شروع ڪري ڏنو آهي.

ڀارت جو خلائي مشن اربع جي ڏينهن چنڊ جي ڏاکڻين قطب تي لهڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. اهو پهريون ڀيرو آهي، ڇو ته اڄ تائين ڪو چنڊ جي ان حصي تي نه پهتو هو. ڀارت جي خلائي اداري انڊين اسپيس رسرچ آرگينائزيشن (آءِ ايس او) سوشل ميڊيا تي هڪ بيان ۾ ٻڌايو آهي ته روور لينڊر مان ٻاهر اچي چڪو آهي ۽ ان سان گڏ ئي ڀارت چنڊ جي سطح تي قدم رکي ڇڏيو آهي.

ڀارت جي خلائي مشن ۾ موجود ڇهن ڦيٿن واري چنڊ گاڏي سج جي توانائيءَ جي زور تي هلندي آهي.

اهو ”روور“ چنڊ جي ڏاکڻين قطب تي ان علائقي تي ڳولا ڪندو جنهن جو نقشو اڄ تائين ناهي ٺاهيو ويو.

اها چنڊ گاڏي امڪاني طور ايندڙ ٻن هفتن تائين چنڊ جي ڏاکڻين قطب جون تصويرون ۽ سائنسي ڄاڻ گڏ ڪندي.

واضح رهي ته ڀارت جي مشن کي چنڊ جي سطح تي پهچڻ ۾ 1960 ۽ 1970 جي ڏهاڪي دوران چنڊ تي لهڻ واري ’اپالو مشنز’ کان وڌيڪ وقت لڳو.

ڀارت جو اسپيس پروگرام ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ناڻي تي هلي رهيو آهي. پر 2008 ۾ چنڊ جي مدار ڏانهن مشن موڪلڻ کان پوءِ ڀارتي ادارو ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو رهيو آهي.

ڀارت ايشيا جو پهريون ملڪ آهي جنهن مريخ جي مدار ۾ 2014 ۾ ئي خلائي جهاز منگل يان روانو ڪيو هو،

ڀارت مستقبل ۾ خلا تي تحقيق جا ڪيترا ئي مشن موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو، ايندڙ مهيني ڀارت سج تي تحقيق ڪرڻ جي لاءِ مشن روانو ڪرڻ چاهي ٿو.

ڀارت ۾ ايندڙ سال ٽن خلابازن تي مشتمل مشن ڌرتي جي مدار ۾ موڪلڻ جي به رٿا بندي ڪئي پئي وڃي.

اهڙيءَ ريت، ڀارت ۽ جپان 2025 ۾ چنڊ ڏانهن گڏيل مشن موڪلڻ جو ارادو رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.