پاڪستان ۾ 40 لک ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي به ناهي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن موجب پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ جي هڪ سال بعد به 40 لک ٻار صاف پاڻي کان محروم آهن.

ان حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يونيسيف هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ 8 ملين ماڻهو صاف پاني کان محروم آهن جن ۾ اڌ انگ ٻارن جو آهي.

يونيسيف جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي ٻارن کي نٿا وساري سگھون، ٻوڏ جو پاڻي هليو ويو پر سندن ڏکيايون ناهن گھٽجي سگھيون.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بحالي جو ڪم جاري آهي پر گھڻا ماڻهن تائين پهچ نه ٿي سگھي ان ڪري پاڪستاني حڪومت ٻوڏ متاثر ٻارن ۽ خاندانن لاءِ سيڙپڪاري ۾ اضافو ڪري.

رپورٽ موجب موسمياتي تبديلي متاثر ضلعن ۾ ٻارن ۽ خاندانن لاءِ اڳ کان موجود عدم مساوات وڌيڪ گھري ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.