سڏ ٿي ويو، عمري تي پئي وڃان: راکي ساونت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هن عمري تي وڃن جو پيغام ڏنو آهي.

ڀارتي سوشل ميڊيا پيجز تي راکي ساونت جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ راکي ٻڌايو ته آئون گھڻي خوش نصيب آهيان آئون اڄ پهريون ڀيرو عمري تي وڃي رهي آهيان، سڏ ٿي ويو آهي، آئون گھڻي خوش آهيان.

وڊيو ۾ راکي ساونت پنهنجن مداحن کي دعائن ۾ ياد رکڻ جي درخواست ڪندي چيو ته آئون به اوهان سڀني کي دعائن ۾ ياد رکنديس.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Viral Bhayani (@viralbhayani)

ان کان اڳ پوليس اسٽيشن ٻاهران ميڊيا سان ڳالهين دوران راکي عمري جو ٻڌائيندي لڙڪ هاري ويٺي هئي.

هن ٻڌايو ته هو ڀاڄائي سان گڏ عمري تي وڃي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.