شيمپو جي دٻن ۾ منشيات سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽس سيڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي مسافر جي قبضي مان هيروئن سان ڀريل سوين ڪيپسول هٿ ڪري ورتا.
اي ايس ايف ترجمان موجب مسافر شهزاد خان شارجا وڃڻ لاءِ اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو هو، اي ايس ايف جي عملي شڪ جي بنياد تي سامان جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي ته مسافر جي سامان ۾ شامل شيمپو جي بوتلن مان 97 ڪيپسول هٿ آيا جن ۾ 682 گرام هيروئن ڀريل هئي.
ترجمان ٻڌايو ته هيروئن وارا اهي ڪيپسول شيمپو جي بوتل ۾ مهارت سان لڪايا ويا هئا پر اي ايس ايف جي عملي سامان جي تلاشي دوران پيشيوراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي منشيات جي سمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ترجمان موجب جوابدار کي شروعاتي جاچ بعد هٿ ڪيل منشيات سميت وڌيڪ قانون ڪارروائي لاءِ اي اين ايف اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.