پرڏيهي کاتو ڀارت جا ڳڻ ڳائڻ لڳو!

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا پاڙيسري مُلڪ ڀارت جي چنڊ تي وڃڻ کي اهم سائنسي فتح قرار ڏيندي ڀارتي سائنسي اداري اسرو جي تعريف ڪئي آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفيتوار بريفنگ دوران چيو ته ڀارت جي چنڊ تي وڃڻ تي ڀارتي اسپيس ريسرچ آگنائزيشن ( اسرو ) ساراهه جو حقدار آهي.

ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ٻڌايو ته وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس جو دورو ڪيو جنهن دوران وزيراعظم کي پاڪستان جي ٻين مُلڪن سان لاڳاپن تي بريفنگ ڏني وئي.

هن ٻڌايو ته وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پرڏيهي وزارت کي پنهنجو پرڏيهي پاليسي جي تصور ڏنو ۽ نگران وزيراعظم پرڏيهي وزارت ۽ مشنز کي سمنڊ پار پاڪستانين کي سهولتون ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

سندس چوڻ هو ته سعودي عرب جي حج واري وزير پاڪستان جو دورو ڪيو، حج سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهيون ٿيون.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته سعودي وفد صدر عارف علوي، نگران وزيراعظم ۽ گورنر سنڌ سان ملاقاتون ڪيون، سعودي عرب ۽ پاڪستان ۾ معاهدا به ٿيا.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڀارت 2003ع جي جنگبندي بابت معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي،21 آگسٽ تي لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ مذمت جوڳو عمل آهي.

هن چيو ته پاڪستان 21 آگسٽ تي لائن آف ڪنٽرول تي فائرنگ جي مذمت ڪري ٿو، ڀارت 2003ع جي سيز فائر معاهدي جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته گڏيل قومن هڪ ڀيرو ٻيهر والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ڀارت ڪشميرين خلاف ظلم فوري طور بند ڪري، پاڪستان پاران ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکي ويندي.

اُسرندڙ معيشتن واري تنظيم برڪس بابت پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيل برڪس سمٽ جي اڳڀرائي کان آگاهه آهيون پر پاڪستان برڪس بلاڪ ۾ شموليت لاءِ ڪائي درخواست ناهي ڏني.

ممتاز زهرا بلوچ وڌيڪ چيو ته برڪس کي عالمي امن جي يڪجهتي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ برڪس جو فروم گهڻ مُلڪي هئڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.