پاڪستان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف مضبوط ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي برداري کي پاڪستان طرفان ڏنل اڻڳڻين قربانين جو ادراڪ ڪرڻ گهرجي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، نوَ مختلف مُلڪن سان تعلق رکندڙ هارورڊ يونيورسٽي، آمريڪا جي 38 شاگردن جي هڪ گروپ جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران آرمي چيف علائقائي سلامتي جي مسئلن ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جي ڪردار تي ڳالهه ٻول ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف پاڪستان جي ڀرپور صلاحيتن تي روشني وڌي ۽ ملاقات ۾ شريڪ شاگردن تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ رهڻ دوران پنهنجن تجربن جي بنياد تي پاڪستان کي ڏسو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي چيف ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف مضبوط ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، عالمي برادري کي پاڪستان طرفان ڏنل قربانين جو قدر ڪرڻ گهرجي.
آرمي چيف والاريل ڪشمير ٿيل انساني ظلمن ۽ حقيقتن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوششن تي به روشني وڌي، ان موقعي تي شاگردن ڳالهه ٻول جو موقعو ڏيڻ تي آرمي چيف جي ساراهه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.