حرم پاڪ ۾ عبادت ڪندڙ عورت طوفان دوران ڇا ڏٺو؟

مڪو شريف (ويب ڊيسڪ) تازي پيل شدي طوفاني برسات هنگامي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ ان دوران ڪلاڪ ٽاور تي بجلي ڪرڻ ۽ حرم شريف ٻاهران زاهرين طوفاني هوائن کي منهن ڏيڻ جهڙيون وڊيوز سامهون اچي چڪيون آهن.

تازو ئي پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي هڪ عورت ان وقت جو اکين ڏٺو حال ٻڌايو.

صائما جبار نالي عورت بي بي سي کي ٻڌايو ته اسان زندگي ۾ اڄ تائين گھڻا طوفان ڏٺا آهن پر اهڙو طوفان اڄ تائين ناهي ڏٺو، طوفان جي وقت اتي موجود سڀني ماڻهن جو اهو ئي چوڻ هو ته زمين تي بيٺل ماڻهو گھمي رهيا هئا، برسات هر پاسي کان هلي رهي هئي اسان اهڙا منظر ان کان اڳ ڪڏهن به ناهن ڏٺا.

صائما ٻڌايو ته تيز ۽ طوفاني برسات دوران اسان ڪعبت الله سان چنبڙي روئيندي دعائون گھري رهيا هئاسين ۽ برسات کان پوءِ جو منظر ڪجهه ٻيو ئي هو.

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ مڪي شريف سوڌو ٻين علائقن ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات پئي هئي جنهن سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته عمري تي آيل زائرين به ڏکيائين کي منهن ڏنو، ان کانسواءِ هڪ وڊيو مڪي جي ڪلاڪ ٽاور جي هئي جنهن ۾ وِڄَٰ ڪرڻ جو منظر هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.